Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

آپ  سے   واضح   ہوا   عشقِ   نبی    کا   مدعا                   سَیَّدی احمد رضا

تم   وفا   کی  ابتدا    تھے ،  تم   وفا   کی   انتہا                                                                                          سَیَّدی احمد رضا[1]

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت، امام اهلسُنَّت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي اعليٰ اخلاق مان هڪ وصف سندن جو اهو به هو ته جيڪڏهن ڪو سندن لاءِ بُرا ڪلمات استعمال ڪندو هو ته پاڻ صبر وبرداشت ۽ عفودر گذر ڪندا هئا ۽ پنهنجي ذات جي لاءِ ڪاوڙ ڪرڻ ۽ ان کان انتقام وٺڻ جي بدران رضاءِ الٰهي جي لاءِ انهن کي معاف (Forgive) ڪندا هئا۔ جيئن ته

ڪنهن جي مدح ۽ ذمّ جي پرواهه ناهي

هڪ ڀيري گارين سان ڀريل هڪ خط (Letter) آيو، پڙھڻ واري ڪجھ لائنون پڙهي خط الڳ رکندي عرض ڪيو: حضور! ڪنهن بد مذهب پنهنجي دشمني جو ثبوت ڏنو آهي۔ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو هڪ نئون مُريد اهو خط کڻي پڙهن لڳو۔ اتفاق جي ڳالھ هي ته موڪلڻ واري جو نالو ۽ پتو لکيل هو، اهو ماڻهو ان جي علائقي جو هو۔ نئي مريد کي گھڻو رنج ٿيو۔ ان وقت ته خاموش رهيو پر جڏهن اعليٰ حضرت مغرب جي نماز کان بعد گھر ڏانهن وڃڻ لڳا ته سندن کي روڪي عرض ڪيائين: ان وقت جيڪو خط مون پڙهيو هو ڪنهن سنگدل (سخت دل) گاريون لکي موڪليون هيون، منهنجو خيال آهي ته ان تي مُقدَّمو ڪيو وڃي۔ اهڙي ماڻهوءَ کي سزا ڏياري وڃي ته جيئن ٻين جي لاءِ عبرت جو نمونو بڻجي وڃي نه ته ٻين کي به اهڙي جرئت ٿيندي۔

حلم وحيا جي پيڪر، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه پنهنجي نئي مُريد جي اها ڳالھ ٻڌي ته هي چئي اندر هليا ويا: تشريف رکو! مان اچان ٿو۔ پوءِ ڏھ پندرهن (10/15)


 

 



[1]   مناقبِ رضا، ص۱۶۰