Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

خط (Letters) هٿ مبارڪ ۾ کڻي ٻاهر آيا ۽ فرمايائون: ڪجھ هنن کي پڙهو! هي ڏسي ويٺل ماڻهو حيران ٿيا ته خبر ناهي اهي ڪهڙي قسم جا خط آهن؟ خيال گذريو ته شايد اهڙي قسم جي گارين وارا هوندا۔ جنهن کي پڙهائڻ جو مقصد هي هوندو ته ان قسم جا خط اڄ ڪا نئي ڳالھ ناهي، بلڪ زماني کان اچي رهيا آهن۔ پر هو صاحب خط پڙھندو پئي ويو ۽ ان جو چهرو خوشي سان چمڪندو پئي ويو۔ جڏهن سڀ خط پڙھي چڪو ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمايو: اڳ ۾ ان تعريف ڪرڻ وارن بلڪه گھڻي تعريف ڪرڻ وارن کي اِنعام و اِڪرام، جاگير و عطيات سان مالا مال ڪريو، پوءِ گار ڏيندڙن کي سزا ڏيارڻ جو فڪر ڪجو۔ باادب ۽ جذباتي مُريد عرض ڪيو: سائين! دل ته اها چاهي ٿي ته انهن سڀني کي ايترو انعام ۽ اڪرام ڏنو وڃي جو نه صرف انهن کي بلڪه انهن جي نسلن کي به ڪافي هجي۔ پر هي منهنجي وسعت کان ٻاهر آهي۔ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ارشاد فرمايائون: جڏهن اوهان مخلص کي نفعو نٿا پهچائي سگھو، ته مخالف کي نقصان به نه پهچايو۔[1]

وہ جس  کے زُہد و تقویٰ کو  سراہا   شان  والوں  نے

کہا   یوں   پیشواؤں   نے   ہمارا   پیشوا   تم   ہو

حقیقت ہے ملے ہیں دین و ایماں آپ کے گھر سے

شریعت   کے   محافظ   اے   شہ  احمد   رضا   تم   ہو[2]

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو ته اسان جا اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ڪيتري قدر حُسنِ اَخلاق جا مالڪ هئا جو پنهنجي خلاف بُرا ڪلمات استعمال ڪرڻ (يعني گاريون ڏيڻ) وارن کان بدلو وٺڻ بدران انهن کي معاف ڪندا هئا۔ انهيء


 

 



[1]   اعلیٰ حضرت کی انفرادی کوشش،ص۲۵

[2]   مناقبِ رضا،عبدالحکیم اختر شاہجہانپوری، ص۲۰