Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

ڳالھ جو درس پنهنجي چاهڻ وارن کي به ڏيندا هئا۔ لهٰذا اسان کي به سيرتِ اعليٰ حضرت تي عمل ڪندي غلطي ڪرڻ وارن کي، ڄاڻي واڻي ستائڻ وارن، گاريون ڏيڻ وارن کي رضاءِ الٰهي جي خاطر مُعاف ڪرڻ جي عادت بنائڻ گهرجي، ڪو ڪيترو ئي غُصو ڏياري اسان کي صبر وبرداشت جو دامن هرگز نه ڇڏڻ گھرجي۔

دے حُسنِ اخلاق کی دولت           کردے عطا اِخلاص کی نعمت

مجھ کو خزانہ دے تقویٰ کا              یا  اللہ مری جھولی بھردے[1]

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

الله پاڪ وٽ وڌيڪ عزت وارو ڪير آهي؟

ياد رکو! ڪنهن جي غلطي تي بدلو وٺڻ جي قُدرت جي باوُجُود ان کي مُعاف ڪرڻ پاڻ کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عزت وارو بنائڻ آهي، حضرت سيدُنا موسيٰ ڪليم الله عَلٰي نَبِينا وَعَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلام عرض ڪيو: اي ربّ اعليٰ !تو وٽ ڪهڙو ٻانهو وڌيڪ عزّت وارو آهي؟ فرمايو: اهو جيڪو بدلو وٺڻ جي قدرت جي باوُجود مُعاف ڪري ڇڏي۔[2]

اي عاشقانِ رسول! قدرت هئڻ جي باوجود معاف ڪرڻ مان ڇا مُراد آهي، ان کي هن طرح سمجھو، مثلاً جيڪڏهن ڪنهن مون کي ڪا تڪليف پهچائي آهي، ظلم ڪيو آهي ۽ مان ان کان بدلو وٺڻ جي همت ۽ طاقت به رکان ٿو، پر پوءِ به الله پاڪ جي رِضا ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي لاءِ ان کان بدلو نٿو وٺان بلڪه معاف ڪيان ٿو، اهو قدرت هئڻ جي باوجود معاف ڪرڻ آهي۔

جيڪڏهن حقيقي معني ۾ اسان جو به اهو ذهن بڻجي وڃي ته اسان جو مُعاشَرو اَمَن وسُڪون جو گهوارو بڻجي ويندو ۽ گھر گھر جا لڙائي جھيڙا ۽


 

 



[1]   وسائل بخشش،مرمم، ص۱۲۳

[2]   شُعَبُ الْاِیمان ج۶ص۳۱۹حدیث۸۳۲۷ دارالکتب العلمیۃ بیروت