Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

تمام فتنا هميشه جي لاءِ ختم ٿي ويندا۔

ٻين کي معاف ڪرڻ جي عادت بنائڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي غُصّي کي قابو ڪرڻو پوندو ڇوته غُصّو انساني فطرت ۾ شامل هڪ غير اِختياري صِفَت آهي ڇوته اڪثر هن سان جھيڙو جھٽو، ٻن ڀائرن ۾ جُدائي، زال مڙس ۾ طَلَاق، پاڻ ۾ نَفرت ۽ قَتل و غارَت تائين نوبت پهچي ويندي آهي، اهڙي موقعي تي اسان کي پنهنجي بزرگن جي سيرت تي عمل ڪندي پنهنجي ذات جي لاءِ غصّو ڪرڻ جي بدران عفوو در گذر کان ڪم وٺڻ گھرجي۔

سڀ کان وڏي ڪرامت

اي عاشقانِ اعليٰ حضرت! حُسنِ اخلاق جو مظاهرو ڪرڻ تمام سٺي عادت ۽ اهڙو فضيلت وارو عمل آهي جو بروزِ قيامت اعمال نامي ۾ ان کان وڌيڪ وزني ڪو عمل ناهي۔[1] ۽ اهو ئي اهو عمل آهي جو جنهن کي اپنائي انسان ڏينهن ۾ روزو رکڻ ۽ رات ۾ قيام ڪرڻ وارن جو درجو ماڻيندو آهي۔[2] ۽ انهيء عمل جي باري ۾ اُمّ المومنين حضرتِ عائشه صديقه طيبه طاهره رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: ٻانهو پنهنجي حسنِ اخلاق جي ڪري رات جو عبادت ڪرڻ واري ۽ سخت گرمي ۾ ڪنهن کي پاڻي پيئارڻ واري جو درجو ماڻيندو آهي۔[3]

هڪ بُزرگ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: چڱا اَخلاق اَجنَبِي کي پنهنجو ڪندا آهن ۽ بُرا اَخلاق پنهنجن کي اَجنبِي بڻائي ڇڏيندا آهن۔[4]

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو، هن مختصر جملي ۾ ڪيتري قيمتي ڳالھ ڪئي وئي آهي ته اسان جا سٺا اخلاق هڪ اهڙي شخص کي به پنهنجو


 

 



[1]   الادب المفرد ، باب حسن الخلق ،ص۹۱، رقم ۲۷۳

[2]   طبرانی اوسط ، ج۴، ص۳۶۹،رقم ۶۲۷۳

[3]    شعب الایمان ، ج۶،رقم ۷۹۹۸تا ۸۰۰۰،ص۲۳۷بتغیر قلیل

[4]   دِین و دنیا کی انوکھی باتیں،ص۲۶۸،مکتبۃ المدینہ ، کراچی