Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

بڻائي سگھن ٿا جنهن کي اسان سڃاڻون نٿا، جڏهن ته ان جي ابتڙ اسان جا بُرا اخلاق اسان جي پنهنجن کي اسان کان پري ڪري سگھن ٿا۔ اسان کي ڪوشش ڪرڻ گھرجي ته اسان هر هڪ سان حسن اخلاق سان پيش اچون، جيڪڏهن بُرا اخلاق آهن ته انهن کي سٺي اخلاق ۾ تبديل ڪيون يا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ چڱي اخلاق وارو بڻجڻ جي دُعا ڪريون، چڱن اخلاق جي اعليٰ صِفت اپنائڻ جي لاءِ بزرگانِ دِين جي حُسنِ اخلاق سان مالا مال واقعن جو مطالعو ڪريون۔ امير اهلِ سنت دامت برکاتهم العاليه جي عطا ڪيل 72 نيڪ عملن ۾ نيڪ عمل نمبر30 ۾ به ”مسلمانن کي سلام“ ڪرڻ جي ترغيب ڏني وئي آهي ڇوته اهو اهڙو عمل آهي جو اهو ماڻهن جي دلين ۾ محبت پيدا ڪندو آهي، نفرتون ختم ڪندو آهي ۽ اها ڳالھ حُسنِ اخلاق جي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي۔

بُري اخلاق کي چڱي اخلاق سان بدلڻ جي وڏي فضيلت آهي جيئن ته حضرت سيدُنا سهل بن عبدالله رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: سڀ کان وڏي ڪرامت اها آهي ته تون پنهنجي بُري اخلاق کي سهڻي اخلاق سان بدلي ڇڏين۔“[1]

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”صَداءِ مدينه“

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! پنهنجي بُري اخلاق کي سهڻي اخلاق ۾ بدلڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان هردم وابسته رهو، سُنَّتن جي خِدمت جي لاءِ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ خُوب وڌ کان وڌ حِصّو وٺو۔ ذيلي حلقي جا 12 مَدَني ڪم مُسلمانن کي نيڪي جي راهه تي هلڻ ۽ گناهن کان بچائڻ ۾ گھڻا مددگار آهن۔ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”صداءِ مدينه“ لڳائڻ به آهي۔ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول ۾ مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ جڳائڻ کي ”صَداءِ مدينه“ لڳائڻ چيو ويندو آهي۔ يقيناً في زمانه مُسَلمان دِين کان گھڻو پري ۽ فڪرِ آخرت کي ڇڏي دُنيا جي فڪر ۾


 

 



[1]   حکایتیں اور نصیحتیں195