Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

مصروف آهن۔ سُنتون ۽ نَفل ته پري جي ڳالھ ماڻهن جي اَڪثَرِيت فرض نمازون تائين قَضا ڪندي آهي۔ انهيء ڪري اسان جون مَسجدون وِيران ٿي ويون، اهڙي ۾ انهن کي ٻيهر آباد ڪرڻ جو عزم ڪرڻ ۽ انهيء عزم کي پورو ڪرڻ جي لاءِ مسلسل ڪوشش ڪرڻ يقيناً سَعادَت جي ڳالھ آهي۔ لهٰذا ڪوشش ڪريو! ۽ مَسجدن جي آبادڪاري جي لاءِ روزانو صَداءِ مدينه لڳائڻ جو معمول بڻائي وٺو۔ جيئن

اميرالمؤمنين ۽ صداءِ مدينه

اَمِيرُالمؤمنين حضرت سيدُناعُمَر فارُوقِ اعظمرَضِىَ اللهُ عَنْه جو اهو معمول هو جو پاڻ جڏهن فجر نماز جي لاءِ ويندا هئا ته رستي ۾ ماڻهن کي نماز جي لاءِ جاڳائيندي ايندا هئا، ۽ فجر جي اَذان کان پوءِ جيڪڏهن مسجد ۾ ڪو سُتل هوندو هو ته ان کي به جاڳائيندا هئا۔[1]

ياد رکو! جيڪڏهن اسان جي اِنفِرادي ڪوشش سان هڪ اسلامي ڀاءُ به نمازي بڻجي ويو ته ان کي ته نيڪ عملن جو ثواب ملندو، پر ان سان گڏ اسان به ان ثواب سان مالامال ٿينداسين۔ ڇوته نيڪي ڏانهن رَهنُمائي ڪرڻ وارو به نيڪي ڪرڻ واري جيان آهي۔ [2]

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪامل مسلمان بڻجڻ جي لاءِ، چڱا اخلاق اپنائڻ، نمازن ۽ سُنَّتن جي عادت ٺاهڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان هردَم وابَسته رهو، اَلْحَمْدُلِلّٰه! مُعاشري جا ڪيئي بگڙيل انسان دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول جي بَرَڪت سان سڌي واٽ تي اچي چڪا آهن۔

قرآن ٽيچر ايپ (Quran Teacher App) جو تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِله عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي سوشل


 

 



[1]   الطبقات لابن سعد ، رقم ۵۶ ، عمربن خطاب ، ۳ / ۲۶۳

[2]   ترمذی ، کتاب العلم ، باب ماجاء الدال علی الخیر كفاعله ، ۴ / ۳۰۵ ، حدیث : ۲۶۷۹