Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

ميڊيا (Social Media) جي هن دور ۾ جديد ذريعا اپنائيندي هر شعبي بلڪه هر طبقي جي ماڻهن ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ سان گڏوگڏ مختلف انداز سان سرڪارِ مدينه جي ڏُکويل اُمّت جي خيرخواهي ۾ به مصروفِ عمل آهي۔ اَلْحَمْدلله! دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ (I.T Department) جي ڪوشش سان ”Quran Teacher“ جي نالي سان موبائل ايپلي ڪيشن لاؤنچ ڪئي آهي۔ جنهن جي ذريعي اسين 30 کان وڌيڪ ديني ڪورسن ۾ داخلا وٺڻ سان گڏوگڏ پنهنجي داخلي جو اسٽيٽس به چيڪ ڪري سگھون ٿا۔ مزيد اهو ته ڪورسن جو مختصر تعارف، پنهنجي رجسٽريشن ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ڪلاس جي سرگرمين جي معلومات ، ڪورسن بابت تفصيلات ۽ مدرسة المدينه آن لائن جي اپ ڊيٽس به حاصل ڪري سگھو ٿا۔ ته اڄ ئي پنهنجي موبائل ۾ اها ايپ انسٽال ڪريو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت،امام ِاهلسنت مولاناشاه امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي ذاتِ مبارڪه کي عبادت ورياضت، تقويٰ وپرهيزگاري، عشقِ رسول ۽ علوم وفنون ۾ ڪمال حاصل هو، حُسنِ اَخلاق جي معاملي ۾ مسلمانن جي دِل جُوئي، نرمي، عفوو درگذر وغيره صِفات به سندن ذات ۾ ڪامل طور تي موجود هئي۔ پاڻ پنهنجي شاگردن ۽ مريدن ۽ چاهيندڙن جي دل جوئي ڪندا هئا، جيئن ته

هڪ روپيو انعام

اعليٰ حضرت،امام اهلسنت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي سعادت مند شاگرد مَلِڪ العُلَمَاء حضرت مولانا محمد ظفر الدِّين بهاري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون سڀ کان پهرين فتويٰ 1322ھ ۾ لکي ۽ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ اصلاح جي لاءِ پيش ڪئي حُسنِ اتفاق سان بلڪل صحيح نڪتي۔ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ان فتويٰ کي کڻي مون وٽ پاڻ تشريف فرما ٿيا ۽ هڪ روپيو پنهنجي مبارڪ هٿ سان