Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

جي لقب سان دنيا ۾ انهن کي پڪاريو ويو۔

ياد رکو! ڪنهن جي جائز ۽ درست ڪم تي ان جو حوصلو وڌائڻ ۽ درست ڪم جي ساراھ ڪرڻ اهو ڪنهن به انسان جي لاءِ ايترو ئي ضروري آهي جيترو جو هڪ گاڏي جي لاءِ پيٽرول ضروري آهي۔ دنيا جي هر ڪامياب شخص جي پويان ڪنهن جي حوصله افزائي ۽ ڪجھ ڪري ڏيکارڻ جي ترغيب هوندي آهي، جيڪا ناممڪن کي به ممڪن ڪري ڏيکاريندي آهي۔ ڪنهن جي حوصله افزائي ڪرڻ صرف دنياوي طور تي ئي ساراھ لائق ناهي بلڪ شريعتِ مطهره ۾ به ان عمل جا مثال مختلف هنڌن تي نظر اچن ٿا۔

قرآنِ ڪريم ۾ الله پاڪ هڪ اهڙي قوم جي ساراھ ڪئي جيڪا طهارت جو خوب خيال رکندي هئي، صحابه ڪرام جي عمل ۽ راھ خدا ۾ انهن جي قربانين تي الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ انهن جي واکاڻ فرمائي، حضرت صديق اڪبررَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجو سمورو مال رسولِ اڪرم شاھ بني آدمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قدمن تي نثار ڪري ڇڏيو ته ربّ ڪريم ان جي لاءِ سلام موڪليو۔ حضوراڪرمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت سعد رَضِىَ اللهُ عَنْه جي تِير هلائڻ جي حوصله افزائي فرمائي۔

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! موقعي مناسبت سان حوصله افزائي ڪريو، ڇوته اها حوصله افزائي دين جي معاملي ۾ تمام وڏي خدمت جو ذريعو بڻجي سگھي ٿي۔ ٻار نماز پڙھن، روزو رکن، تلاوتِ قرآن ڪن، درودِ پاڪ پڙھن، نعت ٻڌن ۽ ٻڌائن ته انهن جي حوصله افزائي ڪئي وڃي ته جيئن هو هن نيڪ عمل کي جاري رکن۔ ڪهڙي خبر جو اوهان جي، اسان جي، اها حوصله افزائي اسان جي لاءِ صدقه جاريه ۽ آخرت جي نجات جو سبب بڻجي وڃي۔ اهڙي طرح آفيسر پنهنجي ملازم ۽ نگران پنهنجي ماتحت جي حوصله افزائي ڪري ڇوته اها حوصله افزائي انهن جي دل ۾ آفيسر جي محبت ۽ ڪم ۾ نکار پيدا ڪندي ۽ ٿي سگھي ٿو ته اها ئي حوصله افزائي آفيسر ۽ نگران جي مال ۾ ڪثرت جو