Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

سبب بڻجي وڃي ۽ ادارو ترقي جون منزلون طئي ڪندو وڃي۔ اسان جي بزرگن ۾ ڪافي اهڙا بزرگ گذريا آهن جن جي وڏن وڏن ڪارنامن جو سبب ڪنهن نه ڪنهن جي حوصله افزائي بڻي۔ حضرت امام ابو يوسف رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي حضرت امام اعظم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي حوصله افزائي قاضِي القُضَاة (Chief Justice) جي عهدي تي فائز ڪيو ۽ اچڻ واري وقت جو فقه حنفي جو امام بڻائي ڇڏيو۔

امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي اَبُو الهيشَم جي حوصله افزائي، ظلم ۽ ڏاڍ اڳيان مضبوط ديوار ۽ استقامت جو پهاڙ بڻائي ڇڏيو۔ چيو ويندو آهي ته پنهنجي جسم تي پاڻ ايترا دُرا کاڌا جيڪر هاٿي کي به ايترا دُرا لڳن ها ته هو دانهون ڪرڻ لڳي ها۔

مولانا سردار احمد قادِري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي مولانا حامد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي حوصله افزائي محدثِ اعظم پاڪستان بڻائي ڇڏيو، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي حوصله افزائي مولانا امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي صَدرُ الشَّرِيعَه بڻائي ڇڏيو۔ امير اهل سنت،باني دعوتِ اسلاميدَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي حوصله افزائي مفتي فاروق عطاري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي مفتي دعوتِ اسلامي بڻائي ڇڏيو۔

اچو اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي اخلاقي وصفن مان هڪ وصف ٻين سان ڀلائي ڪرڻ ۽ پنهنجي ذات تي انهن کي مقدم رکڻ جي باري ۾ ٻڌون ٿا:

مسافر کي پنهنجي سَوَڙ عطا فرمائي

هڪ ڀيري اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي لاءِ نئي سوَڙ تيار ٿي آئي۔ ان کي اوڍيندي (استعمال ڪندي) اڃا ڪجھ ڏينهن ئي مس ٿيا هوندا جو هڪ رات مسجد ۾ ڪو مسافر اچي ويو، ان اعلي حضرت کي عرض ڪيو ته مون وٽ اوڍڻ جي لاءِ ڪجھ نه آهي، پاڻ اها نئي سوڙ ان مسافر کي عطا ڪري ڇڏي۔[1] اهڙي طرح جو هڪ ٻيو واقعو آهي ته


 

 



[1]    فیضان اعلی حضرت ص176 بحوالہ حیات اعلی حضرت ،ص 129