Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

شفقت ڪندا هئا بلڪ سندن جامعه جي شاگردن ۽ سندن جي خدمت ۾ حاضر رهڻ وارن خادمن جي به وڏي اهتمام سان دل جوئي فرمائيندا هئا، پاڻ پنهنجي”دارُالعلوم مَنْظَرُ الاِسْلام“ جي شاگردن تي شفيق وڪريم هئا۔ خوشين جي موقعن تي، عيد جي ڏينهن ۾، انهن جي لاءِ نوان نوان ڪپڙا سبرائيندا هئا ۽ قسم قسم جا کاڌا پچارائي کارائيندا هئا۔ عرب شاگردن جي لاءِ عربي کاڌو، روسي شاگردن جي لاءِ روسي کاڌو، بنگالي شاگردن جي لاءِ بنگالي کاڌو، سنڌي شاگردن جي لاءِ سنڌي کاڌو، پنجابي شاگردن جي لاءِ پنجابي کاڌو۔ الغرض جن شاگردن کي جيڪو کاڌو وڻندو هو انهن کي اهو پچارائي کارائيندا هئا ۽ کارائي خُوش ٿيندا هئا۔ (فيضانِ اعليٰ حضرت،ص۱۸۷ )

بيان جو خلاصو

پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ڪيتري قدر حُسنِ اخلاق جا مالڪ هئا، سندن اخلاق ۾ نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اخلاقِ ڪريمه جي جھلڪ نظر ايندي هئي۔ سندن مال سان محبت الله پاڪ جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ جي ڪري هئي ۽ اولاد سان محبت صله رحمي جو سبب بڻجڻ جي ڪري هئي، پاڻ حسد نه ڪندا هئا، ڪنهن جي طرفان ٿيندڙ تعريف ۽ مذمت جي پرواه نه ڪندا هئا، شاگردن تي شفقت ڪرڻ وارا، پنهنجي ماتحت جي حوصله افزائي فرمائڻ وارا ۽ پنهنجي ذات تي ٻين کي ترجيح ڏيڻ وارا هئا۔

اسان ٻڌو ته نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اخلاقِ ڪريمه جي تعريف قرآنِ ڪريم ۾ بيان ٿي، حُسنِ اخلاق ميزانِ عمل ۾ سڀ کان وڌيڪ وزني عمل ۽ ان جي بدولت انسان ڏينهن ۾ روزو رکڻ واري ۽ رات ۾ قيام ڪرڻ واري جو درجو ماڻيندو آهي۔ اسان ٻڌو ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن غريبن سان محبت جو ارشاد فرمايو۔ انهن جي ذريعي الله پاڪ رِزق ڏيندو آهي، جيڪو اڄ غريب جي قريب هوندو بروزِ قيامت الله پاڪ جي رحمت جي قريب هوندو۔ غريبن سان محبت انبياءِ ڪرام جي سُنّت آهي۔ اسان ٻڌو ته بسا اوقات پُرتڪلف دعوتون قطعِ رحمي جو سبب بڻجي وينديون آهن ۽ قطعِ رحمي گناھ ڪبيره،