Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي اڄ جي بيان جو موضوع آهي ”اعليٰ حضرت جا اعليٰ اخلاق جنهن ۾ اسان ٻڌنداسين ته اسان جي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هڪ غريب ۽ يتيم ٻار جي ڪيئن دل جُوئي فرمائي، اها ڪهڙي دعوت آهي جيڪا تعلقات ختم ڪرڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿي؟ اخلاق جا ٻه قسم، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو حسد کان پاڪ سِينو، ۽ ان کان علاوه ڪيئي اهم مفيد ڳالهيون ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔ اِنْ شَآءَ الله 

لبوں پہ آج پھر آیا بیاں احمد رضا خاں کا                                         کرے گی تذکرہ میری زباں احمد رضا خاں کا

مجھے بھی اپنے دامن  میں بسائیں گے میرے حضرت                                      کرم مجھ پر بھی ہوگا بےگُماں احمد رضا خاں کا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

هڪ غريب، يتيم ٻار جي دلجوئي

خليفهءِ اعليٰ حضرت، حضرت مولانا سيد ايوب عليرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ننڍڙي صاحبزادي نهايت ئي بي تڪلفي واري انداز ۾ سادگي سان خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو: منهنجي والده اوهان جي دعوت ڪئي آهي، سڀاڻي صبح جو گهرايو آهي۔ اعليٰ حضرت (رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه) ان کان پڇيو: مون کي دعوت ۾ ڇا کارائيندؤ؟ ان تي اُن صاحبزادي پنهنجي ڪُرتي جو دامن جيڪو ٻنهي هٿن سان پڪڙيل هو ان کي ڦهلايو، جنهن ۾ ماش جي دال ۽ ٻه چار مرچ موجود هئا، چوڻ لڳو! هي دال وٺي آيو آهيان۔ پاڻ ان جي مٿي تي شفقت وچان هٿ ڦيريندي فرمايائون: چڱو! مان ۽ هي (يعني حاجي ڪفايت الله رضوي صاحب) سڀاڻي ڏينهن جو ڏھ بجي(10:00) اينداسين، پوءِ حاجي ڪفايت الله صاحب کي فرمايائون: گھر جو پتو معلوم ڪري وٺو۔ مطلب ته صاحبزادو گھر جو پتو ٻڌائي خوش خوش هليو ويو۔ ٻي ڏينهن مقرر وقت تي اعليٰ حضرت(رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه) حاجي صاحب