Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

پوليس چوڪي جي ويجھو حاجي ڪفايت الله صاحب جي شڪ کي دُور ڪرڻ جي لاءِ ارشاد فرمايائون: جيڪڏهن اهڙي خُلوص ڀري دعوت روز ملي ته مان روز قبول ڪيان۔[1]

ہر ہر لمحہ یادِ خدایا ، دین کی خدمت اعلیٰ حضرت

جو بھی قدم تھا جو بھی عمل تھا ، وہ تھا عبادت اعلیٰ حضرت

سچ کہتا ہوں مجھ جیسے سے ،ناممکن ہے ناممکن ہے

حیراں ہوں میں کیسے بیاں ہو، آپ کی عظمت اعلیٰ حضرت[2]

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                             صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ان غريب ٻار جي دِلجوئي جي لاءِ دعوت قبول فرمائي پنهنجي چاهڻ وارن کي حُسنِ اَخلاق جو ڪيترو پيارو درس ڏنو۔ سرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو جيتري قدر بلند علمي مقام هو، سندن اخلاق به ايتري قدر بلند هئا۔ غريب ٻارن سان محبت جو انداز ڏسو جو ان کي سڃاڻندا نه هئا ته هو ڪير آهي، پر پوءِ به دعوت قبول ڪئي، ويهڻ جي لاءِ پُراڻي فراسي ڏني وئي، ناپسنديدگي جو اظهار ناهي بلڪ اُنهيءَ تي ويهي رهيا، گھر ۾ جيڪو کاڌو پيش ڪيو ويو اهو طبيعت جي موافق ناهي پر دِل جُوئي (يعني ان غريب جي دِل خوش ڪرڻ) جي لاءِ کائي ورتائون۔ اعليٰ حضرت ۽ ان جا اعليٰ اخلاق۔ اهڙا هئا جو سندن حُسنِ اخلاق مان نبين جي سرور، حُسنِ اخلاق جي پيڪر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اخلاقِ ڪريمه جي جھلڪ نظر ايندي آهي، منهنجي ڪريم ومهربان آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا مبارڪ اخلاق اهڙا هئا جو ٻار ۽ پوڙهو به پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيٻائيندو نه هو ۽ اها ئي عادت سرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي هئي جو هڪ غريب ٻار بنا هٻڪ جي پنهنجي دعوت پيش ڪري رهيو آهي ۽ پوڙيءَ کي به


 

 



[1]   حیات ِ اعلیٰ حضرت،۱/۱۲۱

[2]   جہانِ امام احمدرضا،ج۲۰،ص۵۶۷،شبیربرادرز لاہور