Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

يقين آهي ته هي دعوت قبول ڪندا تڏهن ته پنهنجي ننڍڙي ٻار کي سندن وٽ پيغام ڏئي موڪليو ته دعوت تي اچجو۔

تاجدار ِاہلِ سنت حضرتِ احمدرضا        ہیں امامِ اہلِ سنت حضرتِ احمدرضا

اسوۂ حَسَنہ کا ہے اک خوبصورت آئینہ    پیکرِ عشق و محبت حضرتِ احمدرضا

ہر عمل خود مَنْ یُطِعِ اللّٰہَ کی تفسیر ہے                 مُتَّبِع دین و سنت حضرتِ احمدرضا[1]

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ قرآنِ ڪريم جي سوره آلِ عمران جي آيت نمبر159 ۾ ارشاد فرمايو:

فَبِمَا  رَحْمَةٍ  مِّنَ  اللّٰهِ  لِنْتَ  لَهُمْۚ-وَ  لَوْ  كُنْتَ  فَظًّا  غَلِیْظَ  الْقَلْبِ  لَا  نْفَضُّوْا  مِنْ  حَوْلِكَ۪-

ترجمو: پوءِ ڪهڙي نه الله جي مهرباني آهي جو اي محبوب توهان انهن جي لاءِ نرم ٿيؤ ۽ جيڪڏهن توهان سخت مزاج ۽ سخت دل هجو ها ته ضرور توهان وٽان ٽڙي پکڙجي وڃن ها.

تفسير صراطُ الجِنَان ۾ آهي: هن آيت ۾ رسولِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سهڻي اخلاق جو بيان آهي، ارشاد ٿيو ته ”اي حبيب! صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ، الله پاڪ جي اوهان تي ڪيتري وڏي رحمت آهي جو ان اوهان کي نرم دل، شفيق ۽ رحيم و ڪريم بڻايو ۽ اوهان جي مزاج ۾ ايتري قدر لُطف و ڪرم ۽ شفقت ورحمت پيدا فرمائي جو غزوه اُحد جهڙي موقعي تي به پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن غضب جو اظهار نه فرمايو حالانڪ ان ڏينهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڪيتري قدر اَذِيت ۽ تڪليف پهتي هئي ۽ جيڪڏهن پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سخت مزاج هجن ها ۽ ميل ميلاپ ۾ سختي ڏيکارين ها ته اهي ماڻهو پاڻ


 

 



[1]    مناقبِ رضا، ص۹۴،شبیر برادرز لاہور