Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان پري ٿي وڃن ها۔ [1]

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غريبن سان مَحَبَّت ڪرڻ، نبين سڳورن جي سُنّت آهي۔ غريبن جي والي سرڪارِ عالي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائن ٿا: اي عائشه! غريبن سان محبت ڪندي رهجان ۽ انهن کي پنهنجي قريب ڪر، الله پاڪ قيامت جي ڏينهن تو کي پنهنجي رحمت جي ويجھو رکندو۔ [2]

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                             صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت امام غزاليرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا نيڪ ۽ پرهيزگار ماڻهن کي دعوت ڏيڻ سنت آهي، انهن کي کاڌو کارائڻ انهن کي تقويٰ و پرهيزگاري جي راھ تي ثابت قدم رهڻ جي قوت ڏيڻ آهي۔[3] پر ياد رکو! دعوت ڪرڻ ۾ تڪلف کان بچڻ به ضروري آهي ڇوته تڪلف قطعِ تعلق جو سبب بڻجي ويندو آهي، جيئن ته

ڪهڙي دعوت قطع تعلق جو سبب آهي ؟

حضرت فُضَيل بن عَياضرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اڄ ماڻهو جيڪي هڪ ٻئي سان ناتو ٽوڙي ويٺا آهن اهو تڪلف جي ڪري آهي، جيڪڏهن انهن جي وچ ۾ تڪلف نه رهي ته هو سولائي سان هڪ ٻئي سان ملڻ لڳن۔[4] اهو ئي سبب آهي جو حضرت سلمان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضورِ اڪرم، تاجدارِ حرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اسان کي حڪم ڏنو آهي ته اسان تڪلف نه ڪريون ۽ جيڪو ڪجھ گھر ۾ موجود هجي ان کي پيش ڪرڻ کان نه ڪيٻايون۔[5]


 

 



[1]    تفسیر صراط الجنان، ج۲،ص۷۸

[2]   سنن ترمذی،کتاب الزہد،ح۲۳۵۲،ص۵۶۲،دارالکتب العلمیہ، بیروت

[3]   کیمیائے سعادت،مترجم،ص 219، مطبوعہ لاہور

[4]   کیمیائے سعادت،مترجم،ص 216، مطبوعہ لاہور

[5]    کیمیائے سعادت،مترجم،ص 216، مطبوعہ لاہور