Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

Book Name:Aala Hazrat K Aaala Akhlaq(Youm e Raza)1442

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت فُضَيلرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو قول بلڪل سچ آهي ڇوته اڄ اسان پنهنجي معاشري ۾ ڏسون ته کوڙ ماڻهو قطعِ رحمي (يعني رشتيدارن سان ناتو ٽوڙڻ) جهڙي گناھ ۾ صرف ان ڪري ڦاٿل نظر ايندا ته ان جي لاءِ دعوت ۾ پُرتڪلف اهتمام نه ڪيو ويو، انهن کي انهن جي پسند جو کاڌو نه کارايو ويو، جنهن جي ڪري انهن کي پنهنجي گھر ۾ ٿيڻ واري ڪنهن به دعوت جو حصو نه بڻايو ويو ۽ ڳالھ ايستائين وڌي وئي جو هاڻي هڪ ٻئي سان ڳالھ ٻولھ ڪرڻ به پسند نٿا ڪن۔

ياد رکو! بلا وجه شرعي پنهنجي رت جي رشتيدارن سان تعلق ختم ڪرڻ گناھ ڪبيره، حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃن وارو ڪم آهي۔

سيپاري 4، سُوره نِساء جي آيت نمبر 1 ۾ ارشاد آهي:

وَ  اتَّقُوا  اللّٰهَ  الَّذِیْ  تَسَآءَلُوْنَ  بِهٖ  وَ  الْاَرْحَامَ-ؕ  (پ۴،النساء:۱)

ترجمو: ۽ الله کان ڊڄو جنهن جي نالي سوال ڪندا آهيو ۽ رشتن جو لحاظ رکو.

ڪهڙي گناه جي سزا دنيا ۾ جلدي ڏني ويندي آهي؟

تفسير صراط الجنان ۾ هن آيت جي تحت بيان ڪيو ويو آهي: الله جي پياري رسول، رسول مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جنهن قوم ۾ رشتيداري ٽوڙڻ وارو هوندو آهي ان تي رحمت ناهي لهندي۔[1]

هڪ ٻي روايت ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو؛ بغاوت ۽ قَطع رَحمي کان وڌيڪ ڪو گناھ اهڙو ناهي جنهن گناھ جي سزا دنيا ۾ به جلد ئي ڏني وڃي ۽ ان جي لاءِ آخرت ۾ به عذاب رهي۔[2]


 

 



[1]   شعب الایمان، السادس والخمسون من شعب الایمان، ۶ / ۲۲۳، الحدیث: ۷۹۶۲

[2]    ترمذی، کتاب صفۃ القیامۃ، ۵۷-باب، ۴ / ۲۲۹، الحدیث: ۲۵۱۹