Taqat e Mustafa

Book Name:Taqat e Mustafa

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان پنهنجي پياري آقا، مديني واري مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جسماني طاقت جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين۔ جهڙي طرح ٻين خوبين ۾ آقا عَلَيه السَّلَام جو ڪو مٽ نه هو اهڙي طرح جسماني طاقت ۾ به پاڻ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام  بي مثل ۽ بي مثال هئا۔ اچو انهيء باري ۾ هڪ ٻيو واقعو ٻڌون ٿا:

چٽان جو ٽٽڻ

مشهور صحابي رسول حَضرتِ سَيدُنا جَابِر رَضِىَ اللهُ عَنْه بَيان ڪن ٿا ته (غَزوَه خَندق جي موقع تي) خَندق (کاهي) کوٽڻ مهل اوچتو هڪ اهڙي چَٽان ظاهر ٿئي جيڪا ڪنهن کان به نه پئي ٽُٽي۔ جڏهن اسان بارگاھ رِسَالَت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۾ اها ڳالهه عَرض ڪئي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اُٿيا، ٽن ڏينهن جي بُک هئي ۽ پيٽ مُبارَڪ تي پٿر ٻڌل هو، رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي مُبارَڪ هٿ سان پاهوڙو هنيو ته اها چٽان واريءَ جي ذرڙن وانگر ڀورا ڀورا ٿي وئي۔ (بخاري،ڪتاب المغازي،باب غزوة الخندق، الحديث :۴۱۰۱، ۳/۵۱) هڪ ٻي رِوَايت ۾ هيئن به آيو آهي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان چٽان تي ٽي ڀيرا پاهوڙو هنيو، هر ڌڪ تي ان مان هڪ روشني نڪرندي هئي ۽ ان روشني ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ شام ۽ اِيران ۽ يمَن جي شهرن کي ڏسي ورتائون ۽ انهن ٽنهي مُلڪن جي فَتح ٿيڻ جي صَحَابَه ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوَان کي بِشَارَت ڏنائون۔

(المواھب اللدنية مع شرح الزرقاني،باب غزوة الخندق...الخ، ۳/۳۱ (

پيارا پيار اسلامي ڀائرو! هڪ ٻي روايت ۾ هي به آهي ته حَضرت سَيدُنا جَابِر رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا ته مسلسل بُک سبب نبي اڪرم، رسولِ محتشم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شڪمِ اَقدَس (پيٽ مبارڪ) تي پٿر ٻڌل ڏسي منهنجي دل ڀرجي آئي، مان حُضُورصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان اِجازَت وٺي پنهنجي گھر موٽيس ۽ پنهنجي گھرواريءَ کي چيم ته مون نبي اَڪرَم، نُورِ مُجَسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ايتري قَدر شديد بک جي حالت ۾ ڏٺو آهي جو مون ۾ صَبر جي تاب ناهي رهي۔ ڇا گھر ۾ ڪجھ کاڌو آهي؟ هو چوڻ لڳي ته گھر ۾ هڪ صَاع (تقريباً چار ڪلو) جَوَن جي علاوه ٻيو ڪجھ به ناهي، مون چيو ته تون جلدي سان انهن جَون کي