Taqat e Mustafa

Book Name:Taqat e Mustafa

اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي نورِ نظر حضرت عبدالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي لاءِ جهڙي ڪنوار جي تلاش ۾ هئا، اهي سڀ خوبيون حضرت بيبي آمنه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهَا ۾ موجود هيون. پوءِ چوويهن سالن جي عمر ۾ حضرت عبدالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو حضرت بيبي آمنه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهَا سان نڪاح ٿي ويو ۽ نورِمحمدي حضرت عبدالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ مان منتقل ٿي حضرت بيبي آمنه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهَا جي شڪمِ اَطهر (يعني پيٽ مبارڪ) ۾ ظاهر ٿي ويو.

حضرت عبد الله جي وفات

جڏهن حمل شريف کي ٻه مهينا پورا ٿيا ته حضرت سيدناعبدالمطّلب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ حضرت عبدالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي ڪتلون (کجورون) وٺڻ جي لاءِ مديني موڪليو يا تجارت جي لاءِ ملڪ شام روانو ڪيو اتان کان واپس ايندي مديني ۾ پنهنجي والد جي ناناڻن ”بنو عدي بن نجار“ ۾ هڪ مهينو بيمار رهي پنجويهه سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويا ۽ اتي ”دارِنابغه“ ۾ دفن ٿيا. ۽[1]

بيبي آمنه جي وفات

حضور اقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عمر شريف جڏهن پنجن يا ڇهن سالن جي ٿي ته سندن والده ماجده رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُا پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ساڻ وٺي مديني شريف پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڏاڏي حضرت سيدناعبدالمطّلب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي ناناڻن بنو عدي بن نجار ۾ ملڻ وئي.  حضوراڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي والد صاحب جي ٻانهي اُمِ ايمن به ان سفر ۾ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ هئي اتان کان واپسي تي ”ابواء“ نالي ڳوٺ ۾ حضرت بيبي آمنه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهَا جي وفات ٿي وئي ۽ اهي اُتي ئي دفن ٿيون[2].

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1] مدارج النبوت، قسم دوم، باب اول،ج2، ص 12، 14، ملتقطاً

[2] المواهب اللدنية، ذڪر رضاعه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ج 1، ص 77 ملخصاً