Sab Se Barah Kar Sakhi

Book Name:Sab Se Barah Kar Sakhi

جو ٻچو خريد ڪيو، پوءِ اهو حضرت سيّدنا عبدالله بن عمر رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا جن کي عطا فرمايو.

(بخاری ،۲/۲۳،حدیث:۲۱۱۵)

پيارا اسلام ڀائرو! اسان جا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيتري قدر سخاوت فرمائڻ وارا هئا جو جيڪا شيء پنهنجي ضرورت لاءِ خريد ڪئي هوندي هئي اها به تحفي ۾ ڪنهن کي عطا فرمائي ڇڏيندا هئا. اسان کي به گهرجي ته پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي ان پياري سنّت تي عمل ڪرڻ ۽ مسلمانن جي دل ۾ خوشي داخل ڪرڻ جي نيّت سان هڪ ٻئي کي تحفو پيش ڪرڻ جي عادت بڻايون ڇو ته تحفو ڏيڻ سان محبت وڌندي ۽ نفرت ختم ٿيندي آهي جيئن ته حضرت سَيّدُنا عَطاء خُراساني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته حضور نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو ”هڪ ٻئي سان هٿ ملايو ان سان ڪينو ختم ٿيندو آهي تحفو ڏيندا رهو، پاڻ ۾ محبت وڌندي ۽ دشمني ختم ٿيندي رهندي “.(مشکوٰۃ المصابیح،کتاب الادب، باب ماجآء فی المصافحہ ،الحدیث ۴۶۹۳،ج۲،ص۱۷۱)

حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: هي ٻئي عمل مجرَّب (آزمايل) آهن جنهن سان هٿ ملائيندا رهو ان سان دشمني ناهي ٿيندي، جيڪڏهن اتفاقًا ڪنهن سان دشني ٿي وڃي به ان جي برڪت سان رڪجندي ناهي. ائين هڪ ٻئي کي تحفو ڏيڻ سان نفرتون ختم ٿينديون آهن. (مراۃ المناجیح ،۶/۳۶۸) 

مٺا مٺا اسلام ڀائرؤ! ياد رکو! تحفو ڏيڻ وٺڻ هجي يا ٻيو ڪو معاملو هجي حلال ذريعو ئي اختيار ڪرڻ گهرجي ڇو ته حرام ذريعي سان حاصل ٿيڻ واري مال جو کائڻ، پيئڻ، پارائڻ يا ڪنهن ٻئي ڪم ۾ استعمال ڪرڻ حرام ۽ گناهه آهي. ان جي سزا دنيا ۾ مال جي گهٽتائي، ذلت ۽ بي برڪتي آهي ۽ آخرت جي سزا جهنّم جي ٻرندڙ باهه جو دردناڪ عذاب آهي. فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي جيڪو شخص حرام مال ڪمائي ٿو ۽ وري