Sab Se Barah Kar Sakhi

Book Name:Sab Se Barah Kar Sakhi

صدقو ڪري ٿو ان کان قبول ناهي ڪيو ويندو ۽ ان مان خرچ ڪندو ته ان ۾ برڪت نه ٿيندي ان کي پنهنجي پويان ڇڏيندو ته هي ان جي لاءِ دوزخ جو سامان هوندو.

(شرح السنۃ للبغوی ج۴ ص۲۰۵،۲۰۶ حدیث ۲۰۲۳ دارالکتب العلمیۃ بیروت)

تنهنڪري اسان کي گهرجي تي حلال طريقي سان مال ڪمايون ۽ پنهنجي ضرورت جي علاوه جيڪو بچيل مال نظر اچي ان کي فضول شين ۾ برباد ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي محتاج غريب مسلمانن ڀائرن جي مالي مدد ڪريون، مسجدون، مدرسا ۽ نيڪي جي ڪمن ۾ ترقي جي لاءِ گهڻي کان گهڻو مال خرچ ڪريون، اِنْ شَآءَالله عَزَّوَجَلَّ گهڻي کان گهڻي برڪت نصيب ٿيندي، جيئن ته سيپاري 3 سورة البقره جي آيت نمبر 274 ۾ ارشاد آهي:

اَلَّذِیْنَ یُنْفِقُوْنَ اَمْوَالَهُمْ بِالَّیْلِ وَ النَّهَارِ سِرًّا وَّ عَلَانِیَةً فَلَهُمْ اَجْرُهُمْ عِنْدَ رَبِّهِمْۚ-وَ لَا خَوْفٌ عَلَیْهِمْ وَ لَا هُمْ یَحْزَنُوْنَؔ(۲۷۴)

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ جيڪي پنهنجو مال خرچ ڪندا آهن رات ۽ ڏينهن ۾ لِڪل ۽ ظاهر انهن جي لاءِ انهن جو اجر آهي سندن رَبّ وٽ ۽ انهن کي نه ڊپ ۽ نه ڪو غم آهي.

اهڙي طرح سيپاري 3 سورة البقره آيت نمبر 261 ۾ ارشاد آهي:

مَثَلُ الَّذِیْنَ یُنْفِقُوْنَ اَمْوَالَهُمْ فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِ كَمَثَلِ حَبَّةٍ اَنْۢبَتَتْ سَبْعَ سَنَابِلَ فِیْ كُلِّ سُنْۢبُلَةٍ مِّائَةُ حَبَّةٍؕ-وَ اللّٰهُ یُضٰعِفُ لِمَنْ یَّشَآءُؕ-وَ اللّٰهُ وَاسِعٌ عَلِیْمٌ(۲۶۱)                                       

ترجمو ڪنزالايمان: انهن جو مثال جيڪي پنهنجو مال الله جي واٽ ۾ خرچ ڪندا آهن اُن داڻي وانگر جنهن ڄمايا ست سنگ هر سنگ ۾ سؤ داڻا الله ان کان به زياده وڌائي ٿو جنهن لاءِ گهري، ۽ الله وسعت وارو علم وارو آهي.

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله عَزَّوَجَلَّ جي راهه ۾ مال خرچ ڪندا ته اهو مالڪ ۽ مولا جيڪو زمين ۽ آسمان ۽ سڄي جهان جو خالق ۽ مالڪ آهي اهو