Sab Se Barah Kar Sakhi

Book Name:Sab Se Barah Kar Sakhi

ڪريم ۽ جواد ربّ عَزَّوَجَلَّ ڪرم فرمائيندو ۽ اسان جي مال کي وڌائيندو. ڪيترائي خوش نصيب مسلمان اهڙا آهن جيڪي پنهنجي مال جا واجب حق ادا ڪندا آهن خوش دليءَ سان وقت تي زڪوٰة ۽ فطرو ادا ڪندا آهن پنهنجو مال ماءُ پيءُ، ڀيڻ ڀاءُ، ۽ اولاد تي خرچ ڪندا آهن، پنهنجي عزيز مٽن مائٽن جي موت تي انهن جي ايصال ثواب لاءِ دعوت اسلامي جي مدني ڪمن ۾ خرچ ڪندا، سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ميلاد ملهائيندا ۽ نيڪ نيّت سان شفاء خانا ٺهرائيندا آهن، ماڻهن جي حقن جو لحاظ رکندي اخلاق سان قرآن خواني ۽ اجتماعِ ذِڪر ونعت ۽ سنّتن ڀريي اجتماعن جي منعقد ڪرڻ تي خرچ ڪندا آهن، مسجدن ۽ مدرسن جي تعمير ۾ حصو وٺندا آهن درس ۽ تدريس، درسِ نظامي يعني عالمِ ڪورس ڪرائڻ ۾ تعاون ڪندا آهن مثلاً استادن جي پگهار شاگردن جا ڪتاب، کاڌو، رهائش ۽ ٻيا خرچ وغيره پورا ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو ملائيندا آهن، قرآن ڪريم (حفظ ۽ ناظره) جي تعليم کي عام ڪرڻ ۾ مدد ڪندا آهن. مسجد جي انتظامي معاملن مثلاً بجلي ۽ سوئي گيس جا بل وغيره جمع ڪرائيندا يا ان ۾ حصو وٺندا آهن. دين اسلام جي شهرت، سنّتن کي زندهه ڪرڻ، نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ لاءِ الله پاڪ جي ڏنل مال مان خرچ ڪندا آهن. مثلاً مدني قافلن ۾ سفر ڪرڻ وارن غريب اسلامي ڀائرن جا خرچ ڏئي، سنّتن ڀريي درس جي آرزو ڪرڻ وارن غريب اسلامي ڀائرن کي  ”فيضان سنّت“ خريد ڪري ڏيڻ، پنهنجن دوڪانن، مارڪيٽن، مسجدن، پاڙي وارن، آفيسن، ڪاليجن وغيره ۾ شيخ طريقت امير اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جا اصلاحي رسالا يا بيانن جون ڪيسٽون (آڊيو، ويڊيو) ورهائڻ جي لاءِ پنهنجي رقم راههِ خدا ۾ خرچ ڪندا آهن، انهن سڀني جي لاءِ خوشخبري آهي ته الله تبارڪ و تعالٰي انهن جي مال کي وڌائيندو ۽ ان جي ثواب ۾ 700 ڀيرا وڌائيندو، ان تي بس ناهي، وڌيڪ ارشاد فرمايو وڃي ٿو: وَاللہُ یُضٰعِفُ لِمَنۡ یَّشَآ  ءُ       ترجمو ڪنزالايمان : (۽ الله ان کان به وڌائي جنهن