Sab Se Barah Kar Sakhi

Book Name:Sab Se Barah Kar Sakhi

جي لاءِ چاهي)

 اچو! ترغيب جي لاءِ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي جُودو عطا جا وڌيڪ واقعا ٻڌون ٿا اسان کي به دين جي اشاعت، مسجدن، مدرسن جي خدمت، مسلمانن جي مالي مدد ۽ راهه خدا ۾ خرچ ڪرڻ جو جذبو ملي. جيئن ته

پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سخاوت جا واقعا

غزوه حُنين ۾ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ايتري قدر ڪثرت سان سخاوت فرمائي جنهن جو انداز نٿو لڳائي سگهجي. پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڳوٺن ۾ رهڻ وارن ۾ گهڻن کي 100،100 اُٺ عطا فرمايا. (بخاری،۳/۱۱۸،حدیث:۴۳۳۷)

حضرت صفوان بن اُميّه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ (اسلام آڻڻ کان پهريان غزوه حُنين جي موقعي تي) ٻڪرين جو سوال ڪيو، جنهن سان ٻن پهاڙن جو وچولو جهنگ ڀريل هو، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهو سڀ ان کي ڏئي ڇڏيو. انهن پنهنجي قوم ۾ وڃي چيو: ”اي منهنجي قوم! توهان اسلام آڻيو! الله (عَزَّوَجَلَّ) جي قسم! محمد (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) اهڙي سخاوت فرمائيندا آهن فقر (محتاجي) جو خوف ئي ناهي ٿيندو“. (مشکاۃ المصابیح ،کتاب الفضائل والشمائل،ج۲، ص۳۴۶،حدیث۵۸۰۶)

حضرت سعيد بن مُسيّب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ روايت ڪن ٿا ته حضرت صفوان بن اُميّه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ چيو رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حُنين جي ڏينهن مونکي مال عطا فرمائڻ لڳا، حالانڪه حضور منهنجي نظر ۾ سڀ کان وڌيڪ ناپسنديده هئا پوءِ پاڻ  ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مونکي عطا فرمائيندا رهيا. ايستائين جو منهنجي نظر ۾ محبوب ترين ٿي ويا.     (سنن الترمذی ،کتاب الزکاۃ،ج۲،ص۱۴۷،حدیث۶۶۶)

علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: حضور اقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ان هڪ ڏينهن جي عطا  وڏن سخي بادشاهن جي عمر ڀر جي سخاوت ۽ بخشش کان گهڻي هئي،  جهنگ ٻڪرين سان ڀريل آهن ۽ حضور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) عطا فرمائي رهيا آهن. گهرڻ وارا ميڙ جي صورت ۾ اڳتي  وڌي رهيا آهن ۽ حضور