Sab Se Barah Kar Sakhi

Book Name:Sab Se Barah Kar Sakhi

(صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) پوئتي هٽندا ٿا وڃن. ايستائين جو سڀ مال ورهائجي ويو، هڪ اعرابيءَ (يعني عرب جي ڳوٺ ۾ رهڻ واري) چادر مبارڪ بدن اقدس تان ڇڪي ورتي، جنهن سان مبارڪ ڪلها ۽ چيلهه مبارڪ تي نشان پئجي ويا، هن تي ايترو فرمايائون اي انسانؤ! جلدي نه ڪيو، الله جو قسم توهان مونکي ڪنهن به وقت بخيل نه ڏسندا. (ملتقطاً،صحیح البخاری، کتاب الجہاد والسیر، باب الشجاعۃ فی الحرب۔۔الخ، الحدیث ۲۸۲۱، ج۲، ص۲۶۰،ملفوظات، ص۱۲۲)

   اهڙي طرح حضرت سهل بن سعد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ بيان ڪندا آهن هڪ عورت هڪ چادر کڻي آئي ان عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هي مون پنهنجي هٿ سان سِبي آهي، مان توهان جي پائڻ لاءِ کڻي آئي آهيان. پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ضرورت هئي، اهڙي طرح پاڻ اها چادر ورتي، پوءِ پاڻ
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان ڏانهن نڪتا ۽ اها چادر گوڏ جي طور تي ٻڌل هئي. هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ڏٺو ته عرض ڪيو: واهه ڪيڏي ته سٺي چادر آهي هي مونکي پارائي ڇڏيو. پاڻ فرمايائون ها! ڪجهه دير کان بعد پاڻ مجلس کان تشريف کڻي ويا، پوءِ واپس تشريف کڻي آيا ۽ اها چادر ويڙهي ڪري ان صحابي ڏانهن موڪلي ڏني. صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان هن کي چيو توهان سٺو ناهي ڪيو، جيئن ته توهان کي معلوم آهي ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪنهن سواليءَ کي ناهن موٽائيندا. اهو صحابي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ چوڻ لڳو: الله جو قسم! مون صرف انهيءَ لاءِ سوال ڪيو ته جنهن ڏينهن مان مري وڃان ته هيءَ چادر (برڪت لاءِ) منهنجو ڪفن ٿئي. حضرت سهل بن سعد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا اها چادر ان جو ڪفن ئي ٿي. (صحیح البخاری ، کتاب العمل فی اللباس،ج۴،ص۵۴،حدیث۵۸۱۰)

منگتا کا ہاتھ اُٹھتے ہی داتا کی دَین تھی              دُوری قبول و عرض میں بس ہاتھ بھر کی ہے

لب وا ہیں  آنکھیں بند ہیں پھیلی ہیں جھولیاں        کتنے مزے کی بھیک تیرے پاک در کی ہے