Sab Se Barah Kar Sakhi

Book Name:Sab Se Barah Kar Sakhi

وصال ظاهري کانپوءِ سخاوتِ مصطفٰي   

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان اسان جي پياري پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻنهي جهانن جا سردار آهن، الله عَزَّوَجَلَّ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي مالڪ ۽ مختار بڻايو ،پنهنجي تمام خزانن جون چاٻيون به عطا فرمائي ڇڏيون آهن، پر پاڻ وٽ ڪجهه به بچائي نه رکندا هئا، ۽ سڀ ڪجهه ورهائي ڇڏيندا هئا. پر حيات ظاهريءَ وانگر وصال ظاهريءَ کان پوءِ به پنهنجي امت جي پريشان حالن تي رحمت جو مِينهن وسائيندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن جي ذهن ۾ هي وسوسو اچي ته حضوراڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ته هن دنيا مان پردو ڪري ويا آهن ته هاڻي سوال ڪرڻ وارن جي ڪيئن فرياد رسي فرمائيندا آهن؟ ته ياد رکو الله عَزَّوَجَلَّ جا سڀ نبي پنهنجي پنهنجي مزارن ۾ حيات آهن .

سرڪار اعلٰي حضرت، شاهه امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ارشاد فرمائن ٿا: رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ سڀ انبياءِ ڪرام عَـلَيْـھمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام حقيقي زندگي، دنياوي، روحاني ۽ جسمانيءَ سان زندهه آهن پنهنجن مزارن ۾ نمازون پڙهندا آهن رزق ڏنو ويندو آهي جٿي چاهين تشريف کڻي ويندا آهن زمين ۽ آسمان جي سلطنت ۾ تصّرُفَات فرمائيندا آهن. رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا: اَلْاَنْبِیَاءُ اَحْیَاءٌ فِیْ قُبُوْرِھِمْ یُصَلُّوْن يعني انبياء عَـلَيْـھمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام پنهنجي مزارن ۾ زندهه آهن ۽ نماز ادا فرمائيندا آهن. (مجمع الزوائد  باب ذکر الانبیاء علیہم السلام ۸/ ۳۸۶،حدیث: ۱۳۸۱۲از فتاویٰ رضویہ، ۱۴/۶۷۵) جڏهن ته هڪ ٻي حديث ۾ آهي: اِنَّ اللّٰہَ حَرَّمَ عَلَی الْاَرْضِ اَنْ تَا کُلَ  اَجْسَادَ الْاَنْبِیَاءِ فَنَبِیُّ اللّٰہِ حَیٌّ یُرْزَقُ يعني بيشڪ الله عَزَّوَجَلَّ زمين تي