Sab Se Barah Kar Sakhi

Book Name:Sab Se Barah Kar Sakhi

انبياءِ ڪرام عَـلَيْـھمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي جسمن کي کائڻ حرام فرمائي ڇڏيو آهي. الله عَزَّوَجَلَّ جا نبي عَـلَيْـھمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام زندهه آهن ۽انهن کي روزي به ڏني ويندي آهي. (سنن ابن ماجہ، کتاب الجنائز، باب ذکر وفاتہ ودفنہ صلّی اللّٰہ علیہ وسلم، ج۲، ص۲۹۱، الحدیث ۱۶۳۷) جڏهن ته حضرت علامه جلال الدين سيوطي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: انبياء ڪرام عَـلَيْـھمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي لاءِ مزارن کان ٻاهر وڃڻ ۽ آسمانن ۽ زمينن ۾ ڪنهن به قسم جو اختيار ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي.

 (الحاوی للفتاوٰی رسالہ تنویر الحلک دارالفکر بیروت ۲/ ۲۶۳فتاویٰ رضویہ، ج۱۴، ص۶۸۵تا۹۰)

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حديثن ۽ علماءِ ڪرام جي وضاحت مان معلوم ٿيو ته اسان جا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ ٻيا تمام انبياء عَـلَيْـھمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام پنهنجين پنهنجين مزارن ۾ ته صرف حيات آهن پر انهن کي رزق به ڏنو ويندو آهي سڄي جهان ۾ جيڏانهن چاهن تشريف کڻي ويندا آهن ۽ زمين ۽ آسمان جي سلطنت ۾اختيار به فرمائيندا آهن. اچو حضور نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وصال ظاهري کان پوءِ پنهنجي امتين جي حاجت روائي مشڪل ڪشائيءَ جا ڪجهه واقعا ٻڌون ٿا.

*  حضرت سيّدنا شيخ احمد بن نفيس رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا : آئون هڪ ڀيرو مدينه منوره زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا ۾ سخت بک جي عالم ۾ سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي روضهء انور تي حاضر ٿي عرض گزار ٿيس، يا رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آئون بکايل آهيان.  پوءِ اک لڳي وئي، انهي وقت ڪنهن جڳايو ۽ مونکي گڏ هلڻ جي دعوت ڏني، جيئن ته آئون ان سان گڏ انهن جي گهر آيس ، ميزبان کهجور، گيهه ۽ ڪڻڪ جي ماني پيش ڪري چيو: پيٽ ڀري کائي وٺو ڇوته مونکي منهنجي جدِّ امجد، مڪي مدني محمّد صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن توهان جي ميزباني جو حڪم ڏنو آهي. هاڻي به جڏهن بک محسوس ٿئي اسان وٽ تشريف آڻيندا ڪريو.

  (حُجَّۃُ اللّٰہِ عَلَی الْعٰلَمِین ص۵۷۳)