Sab Se Barah Kar Sakhi

Book Name:Sab Se Barah Kar Sakhi

بے مانگے دینے والے کی نعمت میں غرق ہیں                       مانگے سے جو مِلے کِسے فہم اس قدر کی ہے

*  حضرت سَيّدِنَا اَحمد بِن محمد صُوفي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته آئون ٽن مهينن تائين جهنگن ۾ گهمندو رهيس ، ايستائين جو منهنجي سڄي کل ڳري وئي . آخرڪار آئون مَدينه مُنوّرَه زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا حاضر ٿيس ۽ مون سرور ڪونين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاهه ۾ سلام عرض ڪيو ۽ سمهي رهيس. خواب ۾ جناب رسالت مآب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت سان شرفياب ٿيس، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائي رهيا هئا: احمد تُو اچي وئين ڏس تنهنجو ڪهڙو حال ٿي ويو آهي ! مون عرض ڪيو: اَنَا جَائِعٌ وَاَنَا ضَیْفُکَ يا رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آئون بکايل آهيان ۽ توهان جو مهمان آهيان. سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو : هٿ کول جڏهن مون پنهنجا هٿ کوليا ته انهن ۾ ڪجهه درهم هئا، جڏهن اک کلي ته اهي درهم منهنجي هٿ ۾ موجود هئا، مون بازار مان وڃي ماني ۽ فالودو وٺي کاڌو.

(جَذبُ القُلوب ص۲۰۷،وفاء الوفاء ج ۲ ص ۱۳۸۱، عاشقانِ رسول کی 130 حکایات، ص۲۷)

مانگیں گے مانگے جائیں گے مُنہ مانگی پائیں گے

سرکار میں نہ ’’لا‘‘ہے نہ حاجت’’اگر‘‘ کی ہے

*  حضرت عَلّامَه اَبُو الۡفَرج عَبدُالرَحۡمٰن بِن عَلي اِبن جَوزِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي ڪتاب ”عُيُونُ الۡحِڪَايَات“ ۾ لکن ٿا ته هڪ پرهيزگار شخص جو بيان آهي ته مان مسلسل 3 سالن کان حج جي دعا ڪندو رهيس پر منهنجي حسرت پوري نه ٿي، چوٿين سال حج جي موسم جو بهار هيو ۽ دل آرزوءِ حرم ۾ بيقرار هئي هڪ رات جڏهن آءُ ستس منهنجو ڀاڳ کليو اَ لْحَمْدُلِلّٰہ  عَزَّوَجَلَّ مون خواب ۾ جنابِ رسالت ماب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت سان شرفياب ٿيس پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو ”تون هن