Sab Se Barah Kar Sakhi

Book Name:Sab Se Barah Kar Sakhi

سال حج جي لاءِ هليو وڃجان“ منهنجي اک کُلي ته دل خوشي مان جهومي رهي هئي سرڪار مدينه راحت قلب وسينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اهو مٺو مٺو آواز ڪنن ۾ گونجي رهي هيو ”تون هن سال حج لاءِ هليو وڃجان“. بارگاه نبوت مان حج جي اجازت ملي وئي هئي، آءُ ڏاڍو خوش ٿيس اچانڪ ياد آيو ته مون وٽ سفر جو خرچ به نه آهي! هن خيال ۾ غمگين ٿي ويس. ٻي رات، مَحۡبُوبِ رَبّ، شَهِنشَاهِ عَرَب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خواب ۾ وري زيارت ٿي، پر مان پنهنجي غربت جو ذڪر نه ڪري سگهيس اهڙي طرح ٽين رات به خواب ۾ بارگاه رسالت مان حڪم ٿيو ”تون هن سال حج لاءِ هليو وڃجان“. مون سوچيو ته جيڪڏهن مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم چوٿون دفعو خواب ۾ تشريف کڻي آيا ته مان پنهنجي غربت جو ذڪر ڪندس

آہ! پلّے زَر نہیں رَخْتِ سفر سرور نہیں

تم بُلا لو تم بُلانے پر ہو قادِر یانبی

چوٿين رات وري سرورِ ڪائنات شاهِ مَوجُودَات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم منهنجي غريب خاني ۾ جلوه گر فرمائي ۽ ارشاد فرمايائون ”تون هن سال حج لاءِ هليو وڃجان“ مون هٿ ٻڌي عرض ڪيو ”منهنجا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون وٽ خرچ نه آهي.“ ارشاد فرمايائون ”تون پنهنجي گهر ۾ فلاڻي جڳهه کوٽ اتي تنهنجي ڏاڏي جي تلوار موجود هوندي“ ايترو فرمائي ڪري سلطانِ بحروبر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف کڻي ويا صبح جڏهن منهنجي اک کلي ته آئون ڏاڍو خوش هيس نماز فجر کان پوءِ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ٻڌايل جڳهه کوٽي ته اتي واقعي قيمتي تلوار موجود هئي اها بلڪل صاف سٿري هئي ڄڻ ته ان کي ڪنهن استعمال نه ڪيو هو مون ان کي چار هزار دينارن ۾ وڪڻيو ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جو شڪر ادا ڪيو. اَ لْحَمْدُلِلّٰہ  عَزَّوَجَلَّ! شنهشاهه رسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم