Sab Se Barah Kar Sakhi

Book Name:Sab Se Barah Kar Sakhi

عَزَّوَجَلَّ ان جو مددگار هوندو آهي ۽ ان کي هلاڪت ۾ پوڻ سان خلاصي عطا فرمائيندو.

(اتحاف السادة المتقین،۹/ ۷۲۵،ملخصاً)

(3)        اَلْجَــنَّةُ دَارُالْاَسْخِیَآء يعني جنّت سخين جو گهر آهي.     (فردوس الاخبار،۱/ ۳۳۳،حدیث :۲۴۳۰)      

(4)        سخي الله عَزَّوَجَلَّ جي ويجهو آهي، جنّت جي ويجهو آهي، ماڻهن جي ويجهو آهي، باهه کان پري آهي. ڪنجوس الله عَزَّوَجَلَّ کان پري آهي، جنّت کان پري آهي، ماڻهن کان پري آهي، باهه جي ويجهو آهي ۽ جاهل سخي، الله عَزَّوَجَلَّ وٽ بخيل عالم کان بهتر آهي.

)سنن الترمذی ، کتاب البروالصلة ، باب ماجاء فی السخاء،۳/ ۳۸۷ ،حدیث :۱۹۶۸ بتغیرقلیل(

(5)       اي انسان جيڪڏهن تون بچيل مال خرچ ڪري ڇڏيندي ته تنهنجي لاءِ سٺو آهي ۽ جيڪڏهن ان کي روکي رکندي ته تنهنجي لاءِ برو آهي ضرورت جيترو پاڻ وٽ رک ته توتي ملامت ناهي ۽ ڏيڻ تي پنهنجي گهر وارن کان شروعات ڪيو ۽ مٿيون هٿ هيٺين هٿ کان بهتر آهي.

(صحیح مسلم: کتاب الزکاۃ، الحدیث:۱۰۳۶،ص۵۱۶)

هن حديث جي شرح ۾ حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته يعني پنهنجي ضرورتن کان بچيل مال خيرات ڪري ڇڏڻ تنهنجي لاءِ فائديمند آهي ڇو ته ان مان تنهنجو ڪو به ڪم نه رُڪندو ۽ توکي دنيا ۽ آخرت جي عيوض (بدلو) ملندو ۽ ان کي روڪي ڇڏڻ پاڻ تنهنجي لاءِ برو آهي ڇو ته اها شيءِ سڙي يا ڳري وڃي يا ٻي طرح زياه ٿي وڃي ۽ تون ثواب کان محروم ٿي وڃين، ان لاءِ حڪم آهي ته نئون ڪپڙو پاءَ ۽ پراڻو ڪپڙو خيرات ڪري ڇڏ، نوان جوتا ربّ تعالٰي توکي ڏئي ته پراڻا جوتا جيڪي توهان جي ضرورت کان بچيل آهن ڪنهن فقير کي ڏئي ڇڏ ته تنهنجي گهر جو ڪچرو نڪري ويندو ۽ ان جو ڀلو ٿي ويندو.مزيد فرمائن ٿا ان ۾ ٻه حڪم بيان ٿي ويا هڪ اهو جيڪو مال ان وقت کان