Sab Se Barah Kar Sakhi

Book Name:Sab Se Barah Kar Sakhi

وڌيڪ آهي سڀاڻي ضرورت پوندي، ان کي سنڀالي رکو، اڄ نفلي صدقو ڏئي ڪري سڀاڻي پاڻ نه پنو، ٻيو هي ته خيرات پهرين پنهنجي عزيز غريبن کي ڏيو پوءِ غيرن کي ڏيو ڇو ته عزيزن کي ڏيڻ ۾ صدقو به آهي ۽ صلح رحمي به. (مرآۃ المناجیح شرح مشکاۃ المصابیح، ج۳،ص۷۰۔۷۱) 

سخاوت جي دولت ماڻڻ جو ذهن ڪيئن بڻايون؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان به سخاوت جي عادت ٺاهڻ چاهيون ٿا ته اچو! ان جي متعلق ڪجهه مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون.

(1) سخاوت جا فضائل پڙهو!

سخاوت جا فضائل ۽ بخل جي مذمت حديثن مبارڪن ۾ پڻ صحابه ڪرام ۽ بزرگانِ دين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ الْـمُبین جي واقعن کي پڙهو اِنْ شَآءَاللهعَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان بخل جي عادت نڪري ويندي ۽ سخاوت جو ذهن بڻجي ويندو.

(2) مال جي محبت ڪڍي ڇڏيو!

پنهنجي دل مان مال ۽ دولت جي محبت کي ڪڍي ڇڏيو ڇو ته جيستائين مال ۽ دولت جي محبت دل ۾ رهندي الله عَزَّوَجَلَّ جي راهه ۾ ڏيڻ لاءِ دل نه چوندي حضرت سيّدنا حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا خدا عَزَّوَجَلَّ جو قسم! جيڪو درهم يعني دولت جي عزت ڪري ٿو الله ربّ العزت ان کي ذلت ڏئي ٿو منقول آهي سڀ کان پهرين درهم ۽ دينار ٺهيا ته شيطان ان کي کڻي پنهنجي پيشاني تي رکيو پوءِ ان کي چميو ۽ چيو، جنهن ان سان محبت ڪئي اهو منهنجو غلام آهي. (اِحیا ءُ العُلُوم ج۳ص۲۸۸) آداب طعام،ص۳۶۶)

(3) مسلمانن جي خير خواهي ڪيو!

پنهنجي دل ۾ مسلمان ڀاءُ جي خيرخواهي جو جذبو پيدا ڪيو جيئن ته