Sab Se Barah Kar Sakhi

Book Name:Sab Se Barah Kar Sakhi

پنهنجي دوستن مٽن مائٽن پاڙي وارن جي خيريت پڇندا رهو انهن جي ڏک تڪليف ۾ شريڪ تي ڪري توفيق جي مطابق انهن جون حاجتون پوريون ڪريو فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جيڪو ڪنهن مسلمان جي دنياوي پريشاني پري ڪندو الله عَزَّوَجَلَّ قيامت جي پريشانين مان هڪ پريشاني پري ڪري ڇڏيندو جيڪو تنگدست جي لاءِ دنيا ۾ آساني فراهم ڪندو الله عَزَّوَجَلَّ دنيا ۽ آخرت ۾ ان جي لاءِ آسانيون پيدا فرمائيندو ۽ جيڪو دنيا ۾ ڪنهن مسلمان جي پردا پوشي ڪندو الله عَزَّوَجَلَّ دنيا ۽ آخرت ۾ ان جي پردا پوشي فرمائيندو ۽ ماڻهون جيستائين مسلمان ڀاءُ جي مدد ڪندو رهندو آهي الله عَزَّوَجَلَّ ان جي مدد فرمائيندو رهندو آهي. (جامع التر مذی ،کتاب البر والصلۃ ، باب ماجاء فی الستر ۃ علی المسلم ، رقم ۱۹۳۷ ،ج ۳، ص ۳۷۳)

(4) دل مان بغض ۽ ڪينو ڪڍي ڇڏيو!

پنهنجي دل مان ڪنهن مسلمان جي لاءِ بغض ۽ ڪينو هجي ته ڪڍي ڇڏيو ڇو ته دل ۾ نفرت هوندي ته ان تي خرچ ڪرڻ يا ڪهڙي به طرح همدردي ڪرڻ تي دل راضي نه ٿيندو انهي لاءِ بغض ۽ ڪينو پري ڪرڻ ۽ پاڻ ۾ محبت پيدا ڪرڻ لاءِ سلام ۽ هٿ ملائڻ به مفيد آهي. حديث پاڪ ۾ آهي ته هٿ ملائيندا رهو ڪينو پري ٿيندو تحفو ڏيندا رهو محبت وڌندي ۽ بغض پري ٿيندو. (موطااما م مالک، کتاب حسن الخلق ، باب ماجاء فی المھاجرۃ ، رقم ۱۷۳۱ ، ج ۲ ، ص۴۰۷)

(5) مدني ماحول سان وابسه ٿي وڃو!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن توهان صدقو ۽ خيرات جو ذهن رکڻ چاهيو ٿا دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسه ٿي وڃون اِنْ شَآءَالله عَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان بخل جي بيماري سان گڏو گڏ ٻين برائين کان به ڇٽڪارو نصيب ٿيندو ۽ نيڪ ٿيڻ جو جذبو نصيب ٿيندو.

12 مدني ڪمن مان ماهوار هڪڙو مدني ڪم ”مدني قافلي ۾ سفر“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ، پاڻ به نيڪيون