Sab Se Barah Kar Sakhi

Book Name:Sab Se Barah Kar Sakhi

ڪرڻ، گناهن کان بچڻ ٻين کي بچائڻ ۽ نيڪين تي استقامت پائڻ لاءِ دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃون ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ اڳتي وڌي ڪري حصو وٺو ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان مهيني وار هڪ مدني ڪم راهه خدا ۾ عاشقان رسول سان گڏ 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ به آهي.

اَ لْحَمْدُلِلّٰہ  عَزَّوَجَلَّ! ان سلسلي ۾ دعوت اسلامي جي سنّتن جي تربيت جا بيشمار مدني قافلا 3 ڏينهن، 12 ڏينهن، هڪ مهينو ۽ 12 مهينن جي لاءِ ملڪن، شهرن، ڳوٺن ۾ سفر ڪري علم دين ۽ سنّتن جي مدني بهار لٽائي رهيا آهن ۽ نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائي رهيا آهن. يقيناً راهه خدا ۾ سفر ڪرڻ وارن عاشقان رسول سان گڏ دعوت اسلامي جي ان مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ وڏي سعادت آهي. انهن مدني قافلن جي برڪت سان پنج وقت نماز ۽ نفلن جي پابندي سان گڏو گڏ پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون سنّتون به سکڻ جي لاءِ ملنديون آهن ۽ علم دين حاصل ڪرڻ جو موقعو به ملندو آهي. علم دين جي لاءِ سفر جا بيشمار فضائل آهن. جيئن ته

حضرت سَيّدُنَا اَبُو دَردَاءِ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ چيو ته مون رسولِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي فرمائيندي ٻڌو آهي ته جيڪو شخص علم (دين) حاصل ڪرڻ جي لاءِ سفر ڪندو آهي، ته خدا تعالٰي ان جي لاءِ جنّت جي رستن مان هڪ رستي تي هلائيندو آهي ۽ طالب علم جي رضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ فرشتا پنهنجي پرن کي وڇائيندا آهن ۽ هر اها شيء جيڪا آسمان ۽ زمين ۾ آهي. ايستائين جو مڇيون پاڻي جي اندر عالم جي لاءِ دعاءِ مغفرت ڪنديون آهن ۽ عالم جي فضيلت عابد تي ائين آهي جئين چوڏهين رات جي چنڊ جي فضيلت تارن تي ۽ علماء انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جن جا وارث ۽ جانشين آهن.

انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جو ترڪو (ميراث) دينار ۽ درهم نه هئا. انهن وارثت ۾ صرف علم ڇڏيو آهي، جنهن ان کي حاصل ڪيو ان ڄڻ پورو حصو ورتو.