Sab Se Barah Kar Sakhi

Book Name:Sab Se Barah Kar Sakhi

(سنن ابوداوٗد، کتاب العلم ، باب الحث علی طلب العلم، الحدیث ۳۶۴۱، ج۳، ص۴۴۴)

تنهنڪري اسان به علم دين جي حصول جي لاءِ مدني قافلن ۾ سفر کي پنهنجو معمول بڻايون، اِنْ شَآءَاللهعَزَّوَجَلَّ دنيا جون پريشانيون ۽ مسئلا حل ٿي ويندا.

فلمن ڊامن جو  شوقين

فيصل آباد جي علاقي يوسف ٽاؤن نمبر2 ۾ رهائشي هڪ اسلامي ڀاءُ جو ڪجهه بيان آهي ته نيڪين جي رستي تي هلڻ کان پهريان مان گناهن ڀري زندگي گزاري رهيو هئس. نمازون قضا ڪري ڇڏڻ، ڏاڙهي ڪوڙائڻ منهنجي عادت هئي. فلمون ڊارما ڏسڻ، گانا باجا ٻڌڻ منهنجو معمول بڻجي ويو هو. منهنجي زندگي ۾ نيڪين جو چنڊ ڪجهه هن طرح چمڪيو جو خوش قسمتيءَ سان ڪڏهن ڪڏهن دعوت اسلامي جي هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت ڪندو هئس. هي سلسلو ڪيترن ئي مهينن تائين جاري رهيو. پر منهنجي اندر ڪا خاص تبديلي نه آئي هڪ دفعي اسان جي علائقي ۾ دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته هڪ ڏاڙهي شريف رکيل ۽ عمامو سجايل اسلامي ڀاءُ مون تي انفرادي ڪوشش ڪندي مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ جو ذهن ڏنو. ان جي محبت ڀريل مٺي گفتگو ۽ حسنِ ڪردار ۾ اهڙي تاثير هئي جو انڪار نه ڪري سگهيس ۽ عاشقان رسول سان گڏ 3 ڏينهن جي مدني قافلي جو مسافر بڻجي ويس. جتي مونکي پنج وقت با جماعت پهرين صف ۾ ادا ڪرڻ سان گڏو گڏ پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مٺي مٺي سنّتن تي عمل ڪرڻ جو جذبو مليو پڻ نماز، وضو، غسل جي متعلق کوڙ بنيادي ڳاليون سکڻ جو موقعو مليو. مدني قافلي ۾ مونکي ڏاڍو سکون ۽ اطمينان نصيب ٿيو مون پنهنجي گذريل سڀني گناهن کان توبه ڪئي. ڏاڙهي شريف سجائڻ جي پڪي نيّت ڪئي ۽ مدني قافلي کان پوءِ سائو عمامو شريف سجائي گهر پهتس. مان پنهنجي زندگي جا باقي ساهه الله عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي پيار حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اطاعت ۾ گذارڻ جي لاءِ دعوت