Sab Se Barah Kar Sakhi

Book Name:Sab Se Barah Kar Sakhi

اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي ڪري امير اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جو مريد ٿي ڪري قادري عطاري بڻجي ويس ۽ علائقي جي ٻين اسلامي ڀائرن سان گڏ ملي ڪري دعوت اسلامي جي مدني ڪمن جي حسبِ توفيق ڪوشش ڪندو رهيس. الله عَزَّوَجَلَّ جي فضل و ڪرم ۽ دعوت اسلامي جي مدني ماحول جي برڪت سان منهنجا ست ڀائر نه صرف امير اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جا مريد ٿيا بلڪه مدني ماحول سان وابسته ٿي ڪري تنظيمي طور تي ذميداري جي سعادت به ملي ۽ مونکي اَلْحَمْدُلِلّٰہ  َ عَزَّوَجَلَّ علاقائي مُشاورت جي خادم (نگران) جي حيثيت سان خدمت به نصيب ٿي.

ٽيلي ٿون جي ترغيب

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰه دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ 108 کان وڌيڪ شعبن جي ذريعي قرآن و سنّت جو پيغام عام ڪري رهي آهي، انهن شعبن ۾ جامعة المدينه ۽ مدرسة المدينه به شامل آهن، جتي قرآن پاڪ ۽ علمِ دين جي تعليم في سبيل الله ڏني ويندي آهي۔ ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ 851 (اٺ سو ايڪونجاھ) جامعات المدينه ۽ 4201 (چار هزار ٻه سو هڪ)مدارس المدينه ۾ تقريبًا 258947 (2لک، 58هزار947 ) شاگرد ۽ شاگردياڻيون دِيني تعليم حاصل ڪرڻ ۽ قرآنِ ڪريم(حفظ و ناظره) ۾ مشغول آهن، صرف هنن ٻن شعبن جا اخراجات تقريبًا 3 ارب 73 ڪروڙ سالانه آهن۔

 اِنْ شَآءَالله 15 نومبر2020 ء،28 ربيع الاول 1442ھ آچر جي ڏينهن 02:00 کان اڳئين ڏينهن صبح 05:00 بجي تائين ٽيلي ٿون (چنده/Donation جمع ڪرڻ جي مهم) جو سلسلو ٿيندو۔ پاڪستاني ڪرنسي مطابق 1 يونٽ 10 هزار روپين جو هوندو، ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ’’مدارس المدينه وجامعات المدينه جي قيام وانتظام جي جمله اخراجات جي لاءِ تعاون فرمايو۔

ٽيلي ٿون (چندو جمع ڪرڻ جي مهم) ۾ حصو وٺندڙ خوش نصيب عاشقانِ رسول جي لاءِ دعاءِ عطار: