Sab Se Barah Kar Sakhi

Book Name:Sab Se Barah Kar Sakhi

15 نومبر2020 ء،28 ربيع الاول 1442ھ  تي ٿيندڙ ٽيلي ٿون (چندو جمع ڪرڻ جي مهم) ۾ حصو وٺندڙ خوش نصيب عاشقانِ رسول جي لاءِ اميراهلسنت ڪيتري نه پياري دُعا فرمائي آهي:

دعاءِ عطار: ياالله پاڪ! جيڪو گهٽ مان گهٽ 1 يونٽ هن ٽيلي ٿون ۾ جمع ڪرائي، ان کي ايمان جي سلامتي نصيب فرماءِ، بري خاتمي کان بچاءِ ۽ مرڻ وقت ان کي  تنهنجي حبيب جو جلوو نصيب ٿئي ۽ محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ڪلمو پڙهائن ۽ پنهنجي قدمن ۾ ان کي سمهارين. ياالله! هي دعا هر ان اسلامي ڀيڻ جي حق ۾ به قبول فرماءِ جيڪا پنهنجي محرم جي ذريعي 1 يونٽ جمع ڪرائي، يا ڪنهن طرح  به جمع ڪرائي، سڀني جي حق ۾ قبول فرماءِ. جيڪو ويچارو پاڻ نٿو ڏئي سگهي، پر ٻين کي تيار ڪري هي ڏياري، ان جي حق ۾ به اها دعا قبول فرماءِ. اٰمِــيْن بِـجَـاهِ الـنَّـبِـیِّ الْاَمِــيْن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

پیارا اسلامي ڀائرو! اسان جي پياري آقا، صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ غيب نشان آهي :”آخري زماني ۾ دِين جو ڪم به دِرهم ۽ دِينار سان ٿيندو۔“ (المعجم الڪبير، ۲۰/۲۷۹،حديث:۶۶۰،ملخصاً) اڄ جي دور جون تقاضائون جيڪي آهن اهي ڪنهن سان لڪيل نه آهن۔ ان ڪري دِين جي ڪمن ۾ تعاون جي لاءِ پنهنجي صدقات، عطيات (چندي/ فنڊ Donation) ۽ خيرات وغيره سان تعاون فرمايو۔

اِنْ شَآءَ الله عَزَّ وَجَلَّ اوهان جو ڏنل صدقو دنيا ۽ آخرت ۾ کوڙ فائدن جو سبب بڻجندو۔

اِمامِ اهلسنّت، مجدّدِ دِين و ملّت امام احمد رضا خانرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن فتاويٰ رضويه جلد23، صفحي 152 تي صدقي جي فضيلتن بابت حديث مبارڪه مان حاصل ٿيل جيڪي فائدا ذڪر ڪيا آهن، انهن ۾ ڪجھ هي به آهن:٭ الله پاڪ جي حڪم سان (صدقو ڏيندڙ) بُري موت کان بچندا، ستّر دروازا بُري موت جا بند ٿيندا۔ ٭ان (يعني صدقو ڏيندڙن) جون عمرون وڌنديون۔ ٭ (صدقو ڏيندڙن وٽ)