Sab Se Barah Kar Sakhi

Book Name:Sab Se Barah Kar Sakhi

رزق جي وسعت، مال جي گھڻائي ٿيندي، ٭(۽ صدقو ڏيندڙ) صدقو ڏيڻ جي عادت سبب ڪڏهن به محتاج نه ٿيندا۔ ٭ (صدقو ڏيندڙ) خير و برڪت ماڻيندا۔ ٭(صدقو ڏيندڙن کان) آفتون بلائون پري ٿينديون، ٭(صدقو ڏيندڙن کان) بُري قضا ٽرندي، ٭(صدقو ڏيندڙن کان) ستر (70) دروازا برائي جا بند ٿيندا، ٭(صدقو ڏيندڙن کان) ستر(70) قِسم جون بلائون دور ٿينديون۔ ٭(صدقو ڏيڻ وارن سان) مددِ الٰهي شامل ٿيندي۔ ٭رحمتِ الٰهي انهن (يعني صدقو ڏيندڙن) جي لاءِ واجب ٿيندي۔ ٭ملائڪه اُنهن (يعني صدقو ڏيندڙن) تي درود موڪليندا۔

انهن جي علاوه ٻيا به کوڙ دِيني ۽ دنياوي فائدا آهن جيڪي صدقو ڏيڻ سان حاصل ٿين ٿا۔ تنهنڪري اوهان پاڻ به ٽيلي ٿون مهم ۾ تعاون ڪريو، پنهنجي مرحومن جي ايصالِ ثواب جي لاءِ ان ۾ يونٽ جمع ڪرايو۔ وڌيڪ نه هجي ته گھر جي هر فرد جي طرفان گھٽ مان گھٽ هڪ يونٽ ته ضرور جمع ڪرايو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو۔ يونٽ جمع ڪرڻ جو پنهنجو ڪو هدف بڻائي هينئر کان ان جي لاءِ رابطا شروع ڪري ڇڏيو۔ الله پاڪ اوهان کي جزاءِ خير عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                 صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جون ڪجهه سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو۔

ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب

*    سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم گفتگو اهڙي دلنشين انداز ۾ فرمائيندا هئا جو ٻُڌڻ وارو آسانيءَ سان ياد ڪري وٺندو هو جيئن اُمُّ المُومنين حضرت سيّدتنا عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا فرمائن ٿيون ته رحمت عالمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن صاف صاف ۽ چٽو ڪلام فرمائيندا هئا، هر ٻُڌڻ وارو ان کي ياد ڪري وٺندو هو۔ (المسند للامام احمد بن حنبل، الحديث 26269، ج 10، ص 115)