Sab Se Barah Kar Sakhi

Book Name:Sab Se Barah Kar Sakhi

*    مسڪرائي ڪري خوش طبعي سان ڳالهه ٻولهه ڪجي. ننڍن سان شفقت ۽ وڏن سان ادب وارو لهجو رکو. اِنْ شَآءَاللهعَزَّوَجَلَّ ٻنهي جي وچ ۾ توهان معزز رهندؤ.

*    رڙيون ڪري ڳالهڻ اڄ ڪل لاپرواهي ۾ دوست پاڻ ۾ ڪندا آهن، عيبدار آهي.

*    دورانِ گفتگو هڪ ٻئي سان هٿ تي تاڙي لڳائڻ صحيح ناهي ڇو ته تاڙي، سيٽي وڄائڻ محض راند روند، تماشو ڪافرن جو طريقو آهي.     (تفسیر نعیمی،ج۹،ص۵۴۹)

*    ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وقت ٻئي جي سامهون هر هر نڪ يا ڪن ۾ آڱر وجهڻ، ٿڪ اڇلائڻ سٺي ڳالهه ناهي. هن سان ٻين کي ڪراهَتَ ايندي آهي.

جيستائين ٻيو ڳالهائي رهيو هجي، اطمينان سان ٻڌو. هن جي ڳالهه ڪٽي ڪري پنهنجي ڳالهه شروع نه ڪريو.

*    ڪير به  ٻاتائي ڪري ڳالهه ڪندو هجي ته ان جي نقل نه ڪريو ان سان ان جي دل آزاري ٿي سگهي ٿي.

*    ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وقت ٽهڪ نه لڳايو سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڏهن به ٽهڪ نه ڏنو.

(ماخوذ از مراٰۃالمناجیح،ج۶،ص۴۰۲)

*    گهڻي ڳالهائڻ ۽ گهڙي گهڙي ٽهڪ ڏيڻ سان عزت ڪِري پوندي آهي.

*    سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان عاليشان آهي: ”جڏهن توهان ڪنهن دنيا کان بي رغبت شخص کي ڏسو ۽ هن کي گهٽ ڳالهائيندي ڏسو ته ان جي ڀرسان ضرور ويهو ڇو ته ان تي حڪمت جو نزول ٿيندو آهي. (سنن ابن ماجہ،کتاب الزہد ،باب الزہد فی الدنیا،الحدیث ۴۱۰۱،ج۴،ص۱۲۲)