Sab Se Barah Kar Sakhi

Book Name:Sab Se Barah Kar Sakhi

بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس * ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس * صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب!  اُذکُرُالله  ,  تُوبُوا  اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                               صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان جو موضوع آهي ”سڀ کان وڌيڪ سخي“ جنهن ۾ اسان ٻڌنداسين * سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي سخاوت * صدقي جا فضائل و برڪات * سخاوت جي فضيلتن تي 5 فرامينِ مصطفٰي  * پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سخاوت جا واقعا* جامعات المدينه ۽ مدارس المدينه جو تعارف

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                               صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

سرڪارِ مدينه  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي سخاوت:

حضرت عبدالله هَوزَني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن کان روايت آهي ته مقامِ حَلَب (شام) ۾ مؤذنِ رسول حضرت سَيّدنَا بِلال رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن سان منهنجي ملاقات ٿي ۽ مان ان کان رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي خرچ جي باري ۾ پڇيو، ته انهن ٻڌايو ته رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن وٽ جيڪو ڪجهه (مال) هوندو هو، ان کي خرچ ڪرڻ جي ذمه داري منهنجي هوندي هئي، بعثت کان وفات شريف تائين هي ڪم منهنجي حوالي رهيو. جڏهن ڪو بي