Sab Se Barah Kar Sakhi

Book Name:Sab Se Barah Kar Sakhi

لباس مسلمان پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وٽ ايندو هو ته پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي حڪم فرمائيندا هئا ۽ مان ڪنهن کان قرض وٺي ۽ چادر خريد ڪري ان کي پهرائيندو ۽ کاڌو کارائيندو هيس۔ هڪ ڏينهن هڪ مُشرِڪ مون وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو: اي بِلال! توهان مون کان سواءِ ڪنهن ٻئي کان قرض نه وٺندا ڪريو، مون وٽ گهڻو مال آهي. مون ايئن ئي ڪيو، هڪ ڏينهن مان وضو ڪري اذان ڏيڻ لاءِ اُٿيس ته ڇا ٿو ڏسان ته اهو مُشرِڪ ڪيترن ئي تاجرن سان گڏ مون وٽ آيو ۽ مون کي گهڻو گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ چوڻ لڳو؛ ”توهان کي ڪجهه معلوم آهي وعدي ۾ ڪيترا ڏينهن باقي آهن“ مون چيو؛ وعدي جو وقت ويجهو اچي ويو آهي. ان چيو ته صرف چار ڏينهن باقي رهجي ويا آهن، جيڪڏهن هن مدّت ۾ توهان قرض نه ادا ڪيو ته مان توهان کي غلام بڻائي ٻڪريون چارائيندس جيئن ته توهان پهريان چاريندا هيو. هي ٻڌي مون کي فڪر ٿيو. ايستائين جو مون عشاء جي نماز پڙهي ڇڏي ته رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به پنهنجي ڪاشانهِ اقدس ۾ تشريف کڻي ويا، مان اجازت وٺي حاضرِ خدمت ٿيس ۽ عرض ڪيو: ”يا رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان ٿين. اهو مشرڪ جنهن کان مان قرض وٺندو آهيان، ان مون کي هيئن هيئن چيو آهي، توهان وٽ به قرض ادا ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه به ناهي ۽ مون وٽ به ڪجهه ناهي، اهو مون کي ٻيهر رسوا ڪندو“ مون کي اجازت ڏيو ته مان انهن ماڻهن وٽ هليو وڃان جيڪي مسلمان ٿي ويا آهن. ايستائين جو الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي ايترو مال عطا فرمائي جو جنهن سان منهنجو قرض ادا ٿي وڃي. هي چئي مان اتان هليو آيس. صبح جي وقت وڃڻ جي ارادي سان جڏهن مان ٻاهر نڪتس ته هڪ شخص ڀڄندو مون وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو،