Sab Se Barah Kar Sakhi

Book Name:Sab Se Barah Kar Sakhi

اي بلال! رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن توهان کي گهرايو آهي“ مان اتي پهتس ته ڇا ٿو ڏسان ته سامان سان ڀريل چار اُٺَ موجود آهن. مون اندر اچڻ جي اجازت گهري ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو؛ مبارڪ هجي! الله تعالي تنهنجي قرض جي ادائيگي جو سامان ڪري ڇڏيو، پوءِ فرمايو؛ تون چار اُٺَ ڏٺا ؟ مون عرض ڪيو، جي ها. پاڻ سڳورن فرمايو ته هي اُٺَ فَدَڪ جي حاڪم موڪليا آهن، هي ان تي رکيل ڪڻڪ ۽ ڪپڙا سڀ توهان رکو ۽ ان مان پنهنجو قرض ادا ڪيو. مون حڪم جي تعميل ڪندي ايئن ئي ڪيو، پوءِ مان مسجد ۾ آيس ۽ رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي سلام عرض ڪيو، ته پاڻ سڳورن جن پڇيو! هن مال مان تو کي ڪهڙو فائدو حاصل ٿيو؟ مون عرض ڪيو، الله عَزَّوَجَلَّ اهو تمام قرض ادا فرمائي ڇڏيو، جيڪو ان جي رسول تي هيو، پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو ته ان مال مان ڪجهه باقي به بچيو آهي؟ مون عرض ڪيو ؛ جي ها. پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو؛ ”مون کي ان کان به بي تعلق ڪريو! جيستائين هي ڪنهن ٺڪاڻي نه لڳندو،  مان گهر نه ويندس“ پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نمازِ عشاء کان فارغ ٿيا ته مون کي گهرائي ان بقيه مال جو حال دريافت ڪيو، مون عرض ڪيو؛ اهو مون وٽ آهي ڪير سوالي نه مليو. نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رات جو مسجد ۾ ئي رهيا. ٻئي ڏينهن نمازِ عشاء کان پوءِ مون کي ٻيهر گهرايو، مون عرض ڪيو؛ يا رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم الله عَزَّوَجَلَّ اوهان کي سَبُڪدوش ڪري ڇڏيو.  هي ٻڌي پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تڪبير چئي ۽ خدا جو شڪر ادا ڪيو، ڇو ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي ڊپ هئو ته ڪٿي ايئن نه ٿئي جو موت اچي وڃي ۽ اهو مال مون وٽ هجي. ان کان پوءِ مان حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي پويان هلڻ لڳس، ايستائين جو