Sab Se Barah Kar Sakhi

Book Name:Sab Se Barah Kar Sakhi

پاڻ سڳورا ڪاشانه اقدس ۾ تشريف کڻي ويا. (سنن ابو دائود، ج 3، ص. 230-232، حديث 3055)

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ته اسان جي پياري آقا، محمد مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيتري قدر سخاوت فرمائيندا هئا جو ٿورو مال به پاڻ وٺ رکڻ پسند نه فرمائيندا هئا، بلڪه جيستائين ماڻهن ۾ تقسيم نه فرمائي ڇڏن، ان وقت تائين مطمئن نه ٿيندا هئا، پاڻ کي ڪنهن شيء جي ضرورت هجڻ جي باوجود به غريبن ۽ محتاجن تي صدقو ڪري ڇڏيندا ۽ سائل کي ايترو نوازيندا هئا جو ان کي ٻيهر گهرڻ جي حاجت ئي پيش نه ايندي، پر افسوس! صد افسوس! اسان جي حالت اها رهي آهي ته دنيا جي محبت دل مان گهٽ ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي ۽ هر وقت دنيا جون نعمتون ۽ آسائشون وڌائڻ ئي جي ڌُن لڳل هوندي آهي.

حضرت سَيّدُنا مَجمَع اَنصَاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هڪ بزررگ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي متعلق بيان ڪن ٿا ته انهن فرمايو؛ الله عَزَّوَجَلَّ جو مون تي دنيا (جي آسائشن) کان بچائڻ وارو احسان، اِن (يعني دنيا) جي ڪشادگي (مثلًا مال ۽ دولت وغيره) جي صورت ۾ ملڻ واري نعمت کان افضل آهي. ڇو ته الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي پياري نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي لاءِ دنيا کي پسند ناهي فرمايو، انهيءَ لاءِ مون کي اهي نعمتون جيڪي الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي لاءِ پسند فرمايون، انهن نعمتن کان وڌيڪ پياريون آهن، جيڪي ان پنهنجي نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي لاءِ ناپسند فرمايون. (شعب الايمان، ج 4، ص. 117، حديث 4489)

ياد رکو!دنيا جي مال ۽ دولت جي ڪثرت ۽ ان جون گھڻيون آسائشون هجڻ بيشڪ نعمت آهي پر انهن شين کان بچي رهڻ ئي وڏي نعمت آهي.   (نيڪي جي دعوت، ص. 35)

دنيا مٺي سرسبز آهي!