Sab Se Barah Kar Sakhi

Book Name:Sab Se Barah Kar Sakhi

رحمتِ عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمانِ معظم آهي؛ دنيا مٺي سر سبز آهي، جيڪو ان ۾ حلال طريقي سان مال ڪمائي ٿو ۽ صحيح حقن ۾ خرچ ڪري ٿو، الله عَزَّوَجَلَّ ان کي ثواب عطا فرمائيندو ۽ ان کي جنت ۾ داخل فرمائيندو ۽ جيڪو ان ۾ حرام طريقي سان مال ڪمائي ٿو ۽ ان کي غيرِ حق ۾ خرچ ڪندو آهي، الله عَزَّوَجَلَّ ان کي دار الهوان (يعني ذلت  جي گهر) ۾ داخل فرمائيندو۔ (شعب الايمان، ج. 4، ص. 396، حديث 5527)

حضرت عَلّامَه عَبدُالرَوف مَنَاوِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن حديثِ  پاڪ جي تحت فيض القدير ۾ تحرير فرمائن ٿا؛ معلوم ٿيو ته دنيا فِی نَفۡسِھٖ (يعني اصل ۾) مذموم نه آهي، ڇو ته هي آخرت جي ٻني آهي، ان لاءِ جيڪو شخص شريعت جي اجازت سان دنيا جي ڪا شي حاصل ڪري، ته هي شي آخرت ۾ ان جي مدد ڪندي آهي. (فيض القدير،ج. 3، ص. 728، تحت الحديث 4273)  اسان کي به گهرجي ته ضرورت کان وڌيڪ دنيا جي پويان ڀڄڻ ۽ حرام ذريعا اختيار ڪري مال ۽ دولت جمع ڪرڻ جي بجاءِ رزقِ حلال ڪمائڻ جو ذهن بڻايون ۽ حسب استطاعت صدقو ۽ خيرات به ڪندا رهون. پنهنجي رشتي دارن، پاڙي وارن ۽ ٻين غريبن جي مالي مدد به ڪريون. حقيقت هي آهي ته جيڪو ڪنهن جي مدد ڪندو آهي، الله عَزَّوَجَلَّ به ان جي مدد فرمائيندو آهي ۽ راهِ خدا ۾ ڏيڻ سان مال وڌندو آهي گهٽجندو ناهي.

صدقي جي فضائل ۽ برڪات سان مالا مال فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي؛ صدقو مال ۾ گهٽتائي ناهي ڪندو ۽ الله تعالي معاف ڪرڻ جي ڪري ٻانهي جي عزت ئي وڌائيندو آهي ۽ جيڪو الله عَزَّوَجَلَّ جي رضا جي خاطر انڪساري ڪندو آهي، ته الله تعاليٰ ان کي بلندي عطا فرمائيندو آهي.
(صحيح مسلم، ص. 1397، حديث 2588) اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي شانِ بي نيازي هئي ته درِ اقدس ۾ مال رکڻ به پسند نه فرمايو بلڪه فورًا ان کي صدقو فرمائي ڇڏيندا هئا. جيئن ته هڪ ڏينهن نمازِ عصر جو سلام ڦيريندي