Sab Se Barah Kar Sakhi

Book Name:Sab Se Barah Kar Sakhi

ئي پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دولت خانه ۾ تشريف کڻي ويا، ۽ جلدي ٻاهر آيا، صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جن کي تعجب ٿيو! پاڻ سڳورن فرمايو ته مون کي نماز ۾ خيال آيو ته صدقي جو ڪجهه سون گهر ۾ پيو آهي، مون کي پسند نه آيو ته رات ٿي وڃي ۽ اهو گهر ۾ پيو رهي، انهيءِ لاءِ وڃي ان کي تقسيم ڪرڻ جو چئي آيو آهيان. (صحيح البخاري، ج. 1، ص. 411، حديث 1221)  

حضرت سَيّدُنا اَبُو ذَر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا؛ هڪ ڏينهن مان نبِي اَڪرَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن سان گڏ هيس. جڏهن پان سڳورن احد جبل کي ڏٺو ته فرمايو؛ ”جيڪڏهن هي جبل منهنجي لاءِ سون بڻجي وڃي ته مان پسند نه ڪندس ته ان مان هڪ دينار به مون وٽ ٽن ڏينهن کان وڌيڪ رهجي وڃي، سواءِ ان دينار جي جنهن کي مان قرض جي ادائيگي جي لاءِ رکي ڇڏيان“ (صحيح بخاري، ج. 2، ص. 105، حديث 2388)

سڀ کان وڌيڪ سخي:

شهنشاههِ نبوت، قاسمِ نعمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي شانِ سخاوت بيان ڪندي حضرت سيدنا عبدالله بن عباس رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا فرمائن ٿا؛ رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ سخي آهن ۽ سخاوت جو دريا سڀ کان وڌيڪ ان وقت جوش تي هو، جڏهن رمضان ۾ پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن سان جبرئيلِ امين عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام ملاقات جي لاءِ حاضر ٿيندا هئا۔ جبرئيلِ امين عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام (رمضان مبارڪ جي) هر رات ۾ حاضر ٿيندا هئا ۽ رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان سان گڏ قرآنِ عظيم جو دؤر فرمائيندا هئا. ”رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تيز لڳڻ واري هوا کان به وڌيڪ خير جي معاملي ۾ سخاوت فرمائيندا هئا“  (فيضانِ سنت، بحوالو صحيح بخاري، ج. 1، ص. 9، حديث 6) 

واہ کیا جُود و کرم ہے شہِ بطحا تیرا                                        نہیں سنتا ہی نہیں مانگنے والا تیرا

دَھارے چلتے ہیں عطا کے وہ ہے قطرہ تیرا                        تارے کِھلتے ہیں سخا کے وہ ہے ذرہ تیرا