Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

Book Name:Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هن حديث پاڪ جي حوالي سان لکن ٿا : ٻن محبوب نبين جي شفاعت جو ذڪر پڙھيو ته الله پاڪ جي پياري حبيب ، حبيب لبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو رحمت ڀريو درياء جوش ۾ اچي ويو ۽ پنهنجي گنهگار اُمّت ياد اچي وئي ۽ ان وقت شفاعت فرمائي۔ معلوم ٿيو ته قرآنِ ڪريم ۾ جهڙي آيت تلاوت ڪري انهيءِ طرح جي دُعا گھري اها سنت رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي۔ دُعا جي وقت روئڻ علامتِ قبولِيت آهي پوءِ حضورِ انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو روئڻ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا لڙڪ سُبْحٰنَ الله! حضور جو روئڻ اسان جي مُرڪ ۽ خوشي جو ذريعو آهي ڪڪر روئيندا آهن ته باغ مهڪندا آهن۔ ۽ الله پاڪ فرمائيندو اي محبوب پنهنجي اُمّت جي باري ۾ توهان جيڪو چاهيندؤ ۽ چوندو اسان اهو ئي ڪنداسين۔

حديثن ۾ آهي ته ان تي رحمتِ عالم نورِ مجسمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ عرض ڪيو : تنهنجي عزّت جو قسم! مان ان وقت تائين راضي نه ٿيندس جيستائين منهنجو هڪ اُمّتي به دوزخ ۾ هجي۔ خدا ڪري اسان اُمّتي رهون۔

حضرت ابرهيم ۽ حضرت عيسي عَلَيهما السَّلَام جي شفاعت ۽ پياري آقا ، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت ۾ وڏو فرق آهي “ اسان جي پياري نبي مديني جي تاجدار ، نبين جي سردارصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت واضح آهي ، پاڻ عَلَيۡهِ السَّلام پنهنجي اُمّت جو نالو وٺي تفصيلي شفاعت فرمائي ته گنهگار هجي پر منهنجو اُمّتي هجي ان کي بخشي ڇڏ ۽ ان شفاعت ۾ اگر مگر ناهي يقيني  دُعا آهي ته ان کي ضرور بخشي ڇڏ۔ ان حديث مان حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو وڏو شان ، اُمّت تي وڏو ڪرم ، اُمّتِ محمديه جو وڏو خوش نصيب هئڻ معلوم ٿيو۔ تمام انسان الله پاڪ جي رضا چاهن ٿا پر الله پاڪ حضور کي راضي ڪرڻ چاهي ٿو۔