Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

Book Name:Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

خدا کی رضا چاہتے ہیں دو عالم  خدا چاہتا ہے رضائے مُحَمَّد[1]

الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو :

وَ لَسَوْفَ یُعْطِیْكَ رَبُّكَ فَتَرْضٰىؕ(۵)  ۳۰ ، الضحيٰ : ۵)

ترجموڪنز الايمان : ۽ بيشڪ قريب آهي جو تنهنجو رب توکي ايترو ڏيندو جو تون راضي ٿي ويندين۔ [2]

          تفسير خزائن العرفان ۾ هن آيت سڳوري جي حوالي سان لکيل آهي : الله پاڪ جو پنهنجي حبيب اسان گناهگارن جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان اهو واعدو ڪرڻ تمام نعمتن کي شامل آهي جيڪي دنيا ۾ پاڻ سڳورن کي عطا ڪيون ويون ۽ اها آيت سڳوري تمام واضح انداز ۾ هن ڳالھ تي دلالت ڪري ٿي ته الله پاڪ اهو ئي ڪندو جنهن ۾ رسولصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ راضي ٿين ۽ شفاعت وارين حديثن مان ثابت آهي ته حضور نبي ڪريم ، رَؤفُ الرَّحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خوشي هن ڳالھ ۾ آهي ته اُن جي اُمّت جا سمورا گنهگار بخشيا وڃن۔ هن آيت ۽ حديثن مان يقيني طور تي اهو نتيجو نڪري ٿو ته اسان جي آقا ، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شَفَاعَت مقبول ۽ سندن مرضي جي مطابق سندن اُمّت جا گنهگار بخشيا ويندا۔

سُبْحٰنَالله! منهنجي آقا مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو رتبو ڪيترو اوچو آهي جو جنهن ربِّ ڪريم کي راضي ڪرڻ جي لاءِ تمام مُقَرَّب ٻانها تڪليفون برداشت ڪن ٿا ۽ محنتون ڪن ٿا ، اهو ئي ربِّ ڪريم ، شهنشاھِ عالم


 

 



[1]     مرآۃ المناجیح ، ۷ / ۴٢۶ ، بتغیر ۔ ۔

[2]    حدائق بخشش ، ۴۹