Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

Book Name:Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

پنهنجي وِلادتِ مُبارَڪه کان وٺي ظاهري وصال تائين ۽ ان کان پوءِ جي سڄي زماني ۾ پنهنجي اُمّت تي مسلسل رَحمت و شفقت جي ڪثرت ڪندا رهيا آهن ۽ هاڻي به اهو سلسلو جاري و ساري آهي ، پيدائش جي وقت به پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اُمّتين کي ياد فرمايو ، شَبِ مِعراج به رَبُّ العٰلَمِين جي بارگاھ ۾ ياد رکيو ، پياري آقا جي اُمّت سان محبت ملاحظه فرمايو ته صحابه ڪرامرَضِىَ اللهُ عَنْهم اَجْمَعِين عرض ڪن ٿا : يارسول الله! دُعا ڪريو ، خدا مشرڪن کي برباد ڪري۔ رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائن ٿا : مان لعنت ڪرڻ وارو ناهيان موڪليو ويو ، مون کي ته رحمت بڻائي موڪليو ويو آهي۔ پياري آقا ، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمّت سان محبت ڏسو ته صحابه ڪرامرَضِىَ اللهُ عَنْهمْ اَجْمَعِين عرض ڪن ٿا ، يارسول الله! ثقيف جي تيرن اسان کي ساڙي ڇڏيو آهي ، انهن لاءِ بددعا ڪريو۔ منهنجا حضورصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دعا ڪن ٿا! اي منهنجا رب ڪريم!ثقيف کي هدايت عطا فرماءِ۔

           پياري آقا ، ٻنهي جھانن جي داتاصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمّت سان محبت ڏسو جو هڪ صحابيرَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجي قوم جي شڪايت ڪئي ۽ انهن جي لاءِ بددعا ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيائين ، رحمت عالمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو ته الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دعا گھرون ٿا : اي منهنجا ربِ رحيم! قبيله دُوس کي هدايت عطا فرماءِ ۽ انهن کي هتي آڻ۔

          پياري آقا ، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمّت سان محبت ڏسو جو جنگِ اُحد ۾ ڪافرن سندن چاچي ، شهيدن جي سردار حضرت حمزه رَضِىَ اللهُ عَنْه کي شهيد ڪيو ۽ ڏند مبارڪن کي پٿر لڳا پر پوءِ به چهري مقدس تان رت  صاف ڪندي انهن جي لاءِ دعا ڪري رهيا آهن ، ياالله! منهنجي قوم کي هدايت عطا فرماءِ جو اهي اڻ ڄاڻ آهن۔ پياري آقا ، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمّت سان محبت ڏسو جو طائف ۾ سندن مٿان پٿر وسايا ويا ، ٻارن ۽ شرير نوجوانن کي پويان لڳايو ويو ، ٻئي مبارڪ پير رتورت ٿي ويا ، جبريل امين عَلَيۡهِ السَّلام