Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

Book Name:Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

بارگاھِ مصطفيٰ ۾ حاضر ٿي ڳوٺ تي آس پاس جا ٻه جبل ڪيرائي هلاڪ ڪرڻ جي اجازت گھرن ٿا ، پر پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائن ٿا : مان نٿو چاهيان ته اهي ماڻهو هلاڪ ٿين بلڪ مان ته پنهنجي رب سان اها اميد رکان ٿو ۽ هن ڳالھ جي طلب رکان ٿو ته الله پاڪ انهن جي نسلن ۾ اهڙا ماڻهو پيدا ڪري جيڪي الله پاڪ جي هڪ هئڻ جو اقرار ڪن۔

اي عاشقانِ رسول! مبارڪ هجي جو اسان جا آقا و موليٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پٿر وسائڻ وارن جو هلاڪ ٿيڻ پسند نٿا ڪن ته اسان جو دوزخ ۾ وڃڻ ڪيئن پسند فرمائيندا؟۔

پيارا اسلامي ڀائرو! حضورِ اڪرم ، نورِ مجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي اُمّت سان ايتري قدر پيار آهي جو رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪنهن مقام تي به پنهنجي اُمّت کي نه وساريو ، اِمامِ اهلسنت ، مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه انهيء دستگيري جي ادا کي پنهنجي نعتيه دِيوانحدائقِ بخشش ۾ هن طرح بيان ڪن ٿا :

جو نہ بھولا ہم غریبوں کو رضا                   یاد اس کی اپنی عادت کیجیے ([1])

رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي اُمّت جي ڪيتري ڳڻتي هئي ، اچو مزيد ڪجھ ٻڌون ٿا!

          جنهن ڏينهن طوفان ايندو هو يا آسمان تي بادل هوندا هئا ته مديني جي تاجدار نبين جي سردار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ چهري تي غم وفڪر جا اثرات ظاهر ٿيندا هئا ، پاڻ ڪڏهن اڳتي وڌندا هئا ۽ ڪڏهن پوئتي هٽندا هئا۔ جڏهن برسات ٿيندي هئي ته پاڻ خوش ٿيندا هئا ۽ سندن غم و فڪر واري ڪيفيت ختم ٿي ويندي هئي۔ حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ


 

 



[1]   حدائق بخشش ، ص١٩٨