Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

Book Name:Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

پنهنجي نگاهن آڏو رکن۔ ([1])

شُکر ایک کَرم کا بھی ادا ہو نہیں سکتا دِل اُن پہ فِدا جانِ حَسنؔ اُن پہ فِدا ہو([2])

          اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان! اسان جي پياري آقا ، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي اُمّت سان ڪيتري محبت آهي ۽ ان جي ڪيتري ڳڻتي آهي جو ڪالھ بروزِ قيامت به پنهنجي اُمّت کي جنت ۾ پنهنجي نگاهن جي آڏو رکندا ۽ انهن کي جنّتن ۾ سڀ کان اعليٰ جنت يعني جَنَّتُ الفردوس ۾ رهائيندا۔

   پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪي محبوبِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان جي خاطر دنيا ۾ دعائون گھرن ، ڪالھ بروزِ قيامت اسان جي بخشش ڪرائين ، دُنيا ۾ به اسان جي لاءِ رحمت بڻجڻ ، آخرت ۾ به اسان جي سفارش ڪن ، اُمت تي ايتري قدر مهربان ٿين جو قبرِ انور ۾ به لبِ اقدس تان ربِّ اُمّتِي رَبِّ اُمَّتِي جون صدائون اچن پوءِ اسان کي به سندن سان عشق جو اظهار ڪندو رهڻ گھرجي ، هئڻ ته ائين گهرجي جو اسان سندن سُنّتن کي اپنائيندا رهون پر اسان طرح طرح جي فيشنن ۾ مبتلا ٿي سُنّتن کان پري ٿيندا پيا وڃون۔

          عشقِ رسول جي تقاضا ته اها آهي جو جنهن نماز جي باري ۾ فرمايو ته منهنجي اکين جي ٿڌاڻ نماز آهي۔ ان جي ادائيگي ۾ ڪوتاهي نه ڪريون ، پر اسان بيباڪي سان نمازون قضا ڪندا رهون ٿا۔ عشقِ رسول جي تقاضا ته اها آهي جو اسان پنهنجي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پسند نماز جي پابندي ڪيون ها ، عشقِ رسول جي تقاضا ته اها آهي جو هڪ مٺ ڏاڙھي شريف سان پنهنجو چهرو سجايون ها ، عشقِ رسول جي تقاضا ته اها آهي جو مٿي اگھاڙو رهڻ بدران مٿي تي عمامي شريف جو تاج سجايون ها ، عشقِ رسول جي تقاضا ته اها آهي جو خوفِ خدا ۽ عشقِ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۾ ڳوڙها ڳاڙيون ها ، عشقِ رسول جي


 

 



[1]   الابريز ، الباب الحادی عشر فی الجنة...الخ ، من خصائص اُمّته صَلَّی اللّٰہُ عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم فی الجنة ، ۲ / ۲۲۴۔

[2]   ذوقِ نعت ، ص۲۰۷۔