Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

Book Name:Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

حالت اها ئي آهي جو مان توهان کي چيلھ کان پڪڙي باھ کان بچائڻ وارو آهيان ۽ توهان باھ ۾ ڪرڻ چاهيو ٿا. ([1])

تری وحشتوں سے اے دل مجھے کیوں نہ عار آئے                تُو انہیں سے دور بھاگے جنہیں تجھ پہ پیار آئے

          اي عاشقانِ رسول! ٿورو تصور ته ڪريو ته اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان تي ڪيترا مهربان آهن ، هو اسان کي باھ کان بچائن ۽ اسان انهيء ۾ ڪرڻ چاهيون ٿا۔

           فرمانِ مصطفيٰ ته اهو آهي ته ڪوڙ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو آهي پر اسان جي گفتگو ڪوڙ کان شروع ۽ ڪوڙ تي ختم ٿئي ٿي ، جانورن کي وڙهائڻ باري ۾۔ فرمانِ مصطفيٰ ته اهو آهي ته جانورن کي وڙهائڻ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو عمل آهي پر اسان وڏي شوق سان جانورن کي وڙهايون ۽ انهن جو تماشو ڏسون ، فرمانِ مصطفيٰ ته اهو آهي جو مسلمان کي ڊيڄارڻ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو عمل آهي پر اسان کي مسلمانن کي ڊيڄارڻ ۽ انهن کي ستائڻ ۾ مزو اچي ٿو۔ فرمانِ مصطفيٰ ته اهو آهي ته ظلم تي ڪنهن جي مدد ڪرڻ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو عمل آهي پر اسان گناهن تي مدد ڪرڻ فخر جو سبب سمجھون ٿا۔ فرمانِ مصطفيٰ ته اهو آهي ته شراب پيئڻ پيئارڻ ، وڪڻڻ ، خريدڻ ، شراب کڻي ڪنهن کي ڏيڻ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارا ڪم آهن پر اسان شوق سان اهڙا ڪم ڪيون ٿا۔ فرمانِ مصطفيٰ ته اهو آهي جو مسلمان کي ڌوڪو ڏيڻ ، ظلم ڪرڻ ان جا راز ٻين کي ٻڌائڻ اهي جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارا عمل آهن پر اسان ڌوڪي سان مال ٺاهيون ڪنهن تي ظلم ڪري ناحق ان جو مال کائون ۽ ٻين جا راز ماڻهن کي ٻڌائي لطف وٺون ٿا ، فرمانِ مصطفيٰ ته اهو آهي ته ماڻهن جي گھرن ۾ جهاتي پائڻ ، لڪي ڳالھيون ٻڌڻ ، ۽ امانت ۾ خيانت ڪرڻ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارا عمل آهن پر اسان جون اکيون ٻين جي گھرن ۾ جهاتي پائڻ جون عادي ،


 

 



[1]   صحیح مسلم ، باب شفقتہ علی اُمّتہ۔ ۔ ۔ الخ ، الحدیث : ۲۲۸۵ ، ص۱۲۵۴۔