Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

Book Name:Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

ريڪارڊنگ جي ذريعي ماڻهن جون ڳالھيون ٻڌڻ اسان جو شوق ۽ امانت ۾ خيانت ڪرڻ اسان جي عادت آهي ۔

اي عاشقانِ رسول! ٿورو غور ته ڪيو اسان ڪريم آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا اُمّتي ، هو اسان تي رحيم ، اسان جي گناهن کي پنهنجي لڙڪن کان ڌوئڻ وارا ۽ اسان آهيون جو گناهن کان باز ئي نٿا اچون ، هو اسان کي جهنم کان بچائن ۽ اسان جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارا عمل اختيار ڪريون۔ اها محبت ناهي بلڪه پنهنجي ڪريم آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دل ڏکائڻ آهي ، اهو رسولِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان عشق ناهي بلڪ سندن ڳالهين کان پاسو ڪرڻ آهي۔

اچو اسان نيت ڪيون ٿا ته اسان گناهن کان بچڻ جي ڪوشش ڪنداسين۔ اسان رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سنتن کي اپنائڻ جي ڪوشش ڪنداسين پاڻ به نيڪ ٿينداسين ۽ ٻين کي به نيڪ بڻائينداسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه