Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

Book Name:Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

سُبْحٰنَ الله! ٿورو سوچيو! حضورِ انور ، شافِعِ محشر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اسان سان ڪيتري محبت آهي جو منبر سندن جي لاءِ سجايو ويندو ، ان تي جلوه فرما نه ٿيندا بلڪ پنهنجي اُمّتين جي لاءِ پريشان ۽ انهن کي مصيبتن کان نجات ڏياري جنت ۾ داخل ڪري رهيا هوندا۔ سندن معاملو اهو هوندو جو اسان جي هڪ پڪار تي يڪدم اسان جي مدد فرمائيندا پر ٻئي پاسي اڄ اسان جو معاملو اهو آهي جو اسان سندن فرمان تي عمل ڪرڻ کان پاسو ڪري رهيا آهيون۔

تری وحشتوں سے اے دل مجھے کیوں نہ عار آئے

توا نہیں سے دور بھاگے جنہیں تجھ پہ پیار آئے[1]

اسان جا آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ته اسان کي قريبي رشتيدارن سان صله رحمي جو حڪم ڪن ، پر اسان جو عمل اهو آهي جو اسان تعلقات وڌائڻ جي بدران ننڍين ننڍين ڳالھين تي تعلق ختم ڪري ڇڏيون ٿا۔ * اسان جا آقا ته اهو فرمائن جيڪو توهان سان تعلق ٽوڙي توهان انهن سان جوڙيو ، جيڪو توهان سان برائي سان پيش اچي توهان ان سان ڀلائي سان پيش اچو پر اسان جو عمل ان جي ابتڙ آهي۔ * اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ته پاڙيسرين جا ايتري قدر حق بيان فرمائن جو هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي شڪ ٿيڻ لڳو ته ڪٿي پاڙيسرين کي وراثت ۾ ڀائيوار قرار نه ڏنو وڃي۔ جڏهن ته اسان جو طرزِ عمل اهو آهي جو اسان کي پاڙيسرين جي خبر ئي نه آهي۔ * اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ته نماز جي باري ۾ فرمائن نماز منهنجي اکين جي ٿڌاڻ آهي ، پر اسان جي عملي حالت ايتري قدر خراب ٿي چڪي آهي جو مسجد کان پنج وقت جي ايندڙ اذان جو آواز به اسان ٻڌون ٿا پر نماز جي لاءِ اسان جا قدم مسجد ڏانهن وڌن نٿا۔ ڪٿي سُستي غالب آهي ته ڪٿي دُڪانداري سامهون آهي۔


 

 



[1]   ذوقِ نعت ، ص۲۴۲