Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

Book Name:Aaqa Ki Ummat Se Muhabbat

اي عاشقانِ رسول! اي منهنجي آقا جا ديوانؤ! محبّت جا پنهنجا ڪجھ اُصول هوندا آهن ، محبت ٻنهي پاسي کان هئڻ جي تقاضا ڪندي آهي پر افسوس جو اسان جي محبت ۾ اها ڪمي آهي جو رسولِ پاڪ ٻنهي جھانن جا مالڪ و مختار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ته اسان سان ايتري قدر محبت ڪن جو دنيا ۾ به لب تي اُمّتي اُمّتي ، پنهنجي قبرِ انور ۾ به اُمّتي اُمّتي ۽ ڪالھ بروزِ قيامت به سندن چپن تي اُمّتي اُمّتي هوندو جڏهن ته اسان زبان سان محبت جو اظهار ته ڪيون ٿا پر اسان جو ڪردار اسان جي لفظن جو انڪار ڪري ٿو۔ اسان دعويٰ ته اها ڪيون ته رسول الله جي غلاميءَ ۾ جان به قربان آهي پر سنتِ رسول تي عمل ڪرڻ جو ذهن ناهي۔ علمِ دين سکڻ سيکارڻ جي لاءِ وقت ناهي۔ ياد رکو! جيڪو جنهن سان محبت رکي ٿو ، ان جي هر ڳالھ کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ، سندن ادائن کي به اپنائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي۔

اي عاشقانِ رسول! محبتِ رسول جي تقاضا اها آهي ته فرائض و واجبات جي پابندي سان گڏ آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سنتن تي به عمل ڪيو وڃي ، زبان تي سندن تذڪرو رهي۔ دل سندن ياد ۾ تڙپندي رهي ، صبح وشام زبان تي درود و سلام جا ترانا هجن۔ جڏهن ائين ٿيندو ته پوءِ دنيا به چڱي ٿي ويندي ۽ آخرت به موچاري ٿي ويندي۔

پيارا اسلامي ڀائرو! اهڙي سوچ ، اهڙو جذبو ماڻڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه ۔ مدني ماحول جي برڪت سان خوفِ خدا نصيب ٿيندو ، مدني ماحول جي برڪت سان عشقِ رسول جي دولت نصيب ٿيندي ، مدني ماحول جي برڪت سان اسان جي نسلن کي به عشقِ رسول ۾ روئڻ نصيب ٿيندو۔

مِری  آنے والی نسلیں تِرے عشق ہی میں مچلیں

انہیں  نیک تُو  بنانا مدنی مدینے والے!      (وسائلِ بخشش ، ص429)